ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) سنڌ جي ناڻي واري وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نيئن مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪجهه نوان ٽيڪس لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي پر انهن ٽيڪسن جو بار عام ماڻهن تي نه پوندو، بجيٽ ۾ پگهارون وڌائڻ جي منصوبي تي غور نه پيو ٿئي، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي سنڌ جي ناڻي واري کاتي جي وزير مراد علي شاهه چيو ته هر شعبي ۾ ڪٽوتي ٿي آهي، ڪجهه شعبن ۾ ڪٽوتي ناهي ٿي، ڪول انرجي ۾ ڪٽوتي ناهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٿر ڪول جي اهميت سبب اسان نه پئي چاهيو ته ان ۾ ڪا رڪاوٽ اچي، هن چيو ته اسان جي ترجيح هوندي ته جاري اسڪيمن کي مڪمل ڪريون ۽ نيون اسڪيمون اهي شروع ڪريون جن جو سال ڏيڍ ۾ اثر نظر اچي، نون ٽيڪسن بابت مراد علي شاهه چيو ته نون ٽيڪسن بابت اڃا پروپوزل نه موڪليا آهن ته ڇا ٿيندو، اسين ايندڙ سال کان خدمتن تي سيلز ٽيڪس پاڻ اوڳاڙينداسين، وفاقي حڪومت سان ان تي حتمي ڳالهه ٿي وئي آهي، اسين بجيٽ کان اڳ قانون پاس ڪري وٺنداسين، اهو ڪو به نئون ٽيڪس ناهي، پهرين اهو ٽيڪس وفاقي حڪومت وصول ڪندي هئي، هاڻي سنڌ حڪومت وصول ڪندي، هن چيو ته ڪجهه ٻين ٽيڪسن تي غور ڪيو يو وڃي، جنهن جو اثر عام ماڻهن تي نه پوندو، ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي ته مهانگائي گهڻي وڌي وئي آهي، اهڙن طبقن تي ٽيڪس لاءِ غور ٿئي پيو جيڪي ٽيڪس ڏئي سگهن، ٽيڪس جي بدلي انهن کي ڪجهه مراعتون ڏيون، نين نوڪرين جي سوال تي مراد علي شاهه چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ نوڪرين لاءِ پئسا رکيا ويندا، تعليم کاتي ۾ وڌيڪ نوڪريون ڏنيون وينديون، ملازمن جي پگهارن بابت صوبائي وزير چيو ته پگهارن جي معاملي تي وفاقي حڪومت سان گڏ هلندا آهيون، اڃا تائين وفاقي حڪومت آگاهه نه ڪيو آهي.
No comments:
Post a Comment