محبت هڪ نفيس ۽ حُسناڪ جذبو آهي. عشق جبلن جي چوٽِيءَ تي پوندڙ پڇم جهڙي برف جو نالو آهي. محبت هڪ ستم آهي، آڳ آهي، جنت آهي، دوزخ آهي، جتي خوشي، درد، اُداسي، ۽ پڇتاءُ رهندا آهن. جڳ مشهور ڏاهي ۽ مفڪر ”رجنيش اوشو“ محبت متعلق پنهنجو فلسفو بيان ڪندي هڪ هنڌ محبت کي اها روحاني آرسي قرار ڏنو آهي جيڪا انسان کي منَ جي مسافت لاءِ تيار ڪري، کيس سندس اصل چهرو ڏيکارڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. هن چيو آهي ته، ” محبت توهان کي مڪمل ڪري ٿي، ٻي صورت ۾ توهان فقط هڪ خيال ۽ خُواب هجو ٿا.“ هڪ ٻئي ڏاهي ”محبت“ کي روشنيءَ جو هڪ اهڙو لفظ به ڪوٺيو آهي جنهن کي روشن هٿن سان روشنيءَ جي ڪاغذ تي لکيو ويو آهي.
جيتوڻيڪ زندگيءَ جي سمورن اسرارن مان رڳو ”محبت“ ئي اهو اسرار آهي، جنهن ۾ روحانيت جي چاشني ۽ سرور هجي ٿو، ان جي باوجود بدقسمتيءَ سان اسان جي سماج ۾ محبت کي هڪ پاپُ سمجهو وڃي ٿو. جڏهن ته محبت ڪڏهن پاپُ ٿي ئي نٿي سگهي، محبت ته هڪ پاڪيزه جذبو آهي جنهن کي قدرت واري اسان جي سينن ۾ لڪائي رکيو آهي، ان سان ته زندگيءَ کي جِلا ملي ٿي. جيڪا زندگي محبت ۽ پيار کان خالي آهي، اها ڀلا ڪهڙي زندگي آهي؟!
مون ذاتي طور محبت کي هميشه خدا جي خوبصورتي سمجهيو آهي. مون محبت کي زندگيءَ جو منشور ۽ هڪ اهڙو ڏيئو ڄاتو آهي جيڪو دل جي تاريڪ قبر کي روشن رکي ٿو. محبت مون لاءِ دل جي لهوءَ مان ٽڙيل گلابن جي گلدستي مثل رهي آهي، جنهن جي سڳنڌ سرير ۾ سمائجي امرتا بخشي ڇڏيندي آهي. محبت مون لاءِ حياتيءَ جو سڀ کان لاڏلو جذبو رهي آهي. مون وٽ ان جو تصور چنبيليءَ جي پتين ۽ معصوم ٻار جي مُرڪ جهڙو رهيوآهي. منهنجي لغت ۾ زندگي بغير پيار ۽ محبت جي بدبختي، تباهه ڪاري ۽ نامراديءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. محبت ڀريل احساسن کان خالي جيون مون لاءِ هميشه تجريدي موت مثل رهيو آهي. محبت ۾ ملاوٽ کي مون دنيا ۾ وڏي کان وڏو پاپ سمجهيو آهي، پر پوءِ به اڄ تائين محبتون مونکي راس الائي ڇو ڪونه آيون آهن!! هر دفعي منهنجي”محبت“ جو قتلام شعوري يا لاشعوري طور منهنجي پنهنجي ئي ”محبوب حَستين“ هٿان ٿيندو رهيو آهي. منهنجي دل کي انتهائن تائين اُجاڙڻ وارا هميشه منهنجي دل جا ڌڻي ئِي رهيا آهن.
No comments:
Post a Comment