Friday, December 10, 2010
Monday, November 29, 2010
Friday, October 8, 2010
سنڌ جي پڙهيل لکيل عورت جي درد ڪهاڻي
امان مان آفيس ڪونه وينديس!
(سنڌ جي پڙهيل لکيل عورت جي درد ڪهاڻي)
رڪ سنڌي
شاهده اڄ به صبح جو گهر کان ٻه فرلانگ پنڌ ڪري شهر ويندڙ سوزڪيءَ جي اسٽاپ تي پهچي ٿي. اسٽاپ تي بيٺل ماڻهن جون نظرون کيس روز وانگر گهورڻ لڳن ٿيون. اسٽاپ تي بيٺل هر مرد پڪو توڙي پوڙهو، نوجوان توڙي الهڙ ڇورو کيس پيرن کان مٿي تائين ايئن گهوري ٿو، ڄڻ ته هوءَ مال پڙيءَ ۾ وڪري لاءِ آيل ڪو جانور هجي. جنهن کي خريد ڪرڻ کان اڳ واپاري ان جو خر کان سڱن تائين گهرائي سان جائزو وٺندو آهي. شاهده جو بس اسٽاپ تي اچي سوزوڪيءَ جو انتظار ڪرڻ وقت ڪنڌ جهڪائي بيهڻ معمول بنجي ويو آهي. جنهن ڪري کيس جوانيءَ ۾ ئي ڪنڌ ۾ سور جي شڪايت ٿيڻ لڳي آهي. روزانو ڪيترو ئي وقت گاڏين جي اسٽاپن تي مردن جي نظرن کان بچڻ لاءِ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهڻ ۽ زمين کي بي مقصد گهوريندي کيس ته چيلهه جي ڪنڊي ۾ به سور جي شڪايت ٿيڻ لڳي آهي. معاملو فقط اتي ختم ڪونه ٿو ٿئي، پر سوزوڪيءَ ۾ چڙهڻ کان پوءِ کيس ڪڏهن ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان ويهڻ جي جاءِ ملي ويندي آهي ته ڪڏهن ڊيوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ سوزوڪيءَ جي اندر مردن سان گڏ ويهڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو آهي. اهي لمحا سندس لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندا آهن.
هن خوبصورت ۽ جوان ناريءَ سان اهڙا واقعا ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪا آهن، کيس سوزوڪيءَ جي اڳين حصي ۾ ڊرائيور جي ڀرسان ويهڻ جو موقعو ملندو آهي ته هوءَ مسلسل ڊرائيور جي حريص نظرن جو شڪار رهندي آهي. شاهده پنهنجي ساهيڙين کي اهو قصا ٻڌائيندي شرم ۾ ٻڏي ويندي آهي ته اڪثر ڊرائيور گاڏيءَ جي گيئر بدلائڻ وقت ڪيئن نه سندس جسم کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، يا گاڏيءَ کي سفر دوران آيل ڪنهن لوڏي يا جهاڪي وقت پنهنجو جسم سندس جسم سان ٽڪرائڻ جي شعوري ڪوشش ڪندا آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر گاڏيءَ مان هيٺ لهڻ وقت دروازو کولڻ جي بهاني به سندس هٿن کي ڇهڻ ڄڻ عين عبادت لائق سمجهيو ويندو آهي. هوءَ پاڻ جيڏين کي اهڙا ڪيترائي قصا ٻڌائيندي مردن جي حريص نگاهن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جا ڏس ڏيندي آهي. شاهده ٻڌائي ٿي ته ساڻس سوزڪيءَ جي پوئين سيٽ تي مردن سامهون ويهڻ دوران اهڙا ڪافي واقعا رونما ٿي چڪا آهن، سامهون ويٺل مرد پنهنجا گوڏا سندس سٿرن سان ٽڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. يا ته منجهائنس اوسيتائين نظرون نه ڪڍندا آهن، جيسيتائين هوءَ پنهنجي منزل اچڻ تي لهي نه ٿي وڃي. شاهده اهو ٻڌائيندي به اندر ۾ ڪڙهندي آهي ته بس يا سوزوڪيءَ مان لهڻ وقت به کيس پاڻ کي مردن جي انهن حرڪتن کان بچائڻ لاءِ ڪيئن روز جتن ڪرڻا پوندا آهن. پر هوءَ اهو سڀ ان ڪري سهندي آهي جو کيس ملازمت ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻو هوندو آهي. سندس پگهار ايتري نه آهي جو هوءَ روز ڪنهن رڪشا ۾ اچي وڃي سگهي. هن کي ته بس اسٽاپ کان آفيس تائين پنڌ پهچڻ لاءِ به رستي ۾ بيٺل اوباش نوجوانن جي نظرن ۽ غليظ فقرن جو روز مقابلو ڪرڻو هوندو آهي. جيڪي اسٽاپ کان آفيس جي گيٽ تائين سندس پيڇو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن.
ڪلثوم به ڪيترو ئي وقت ساڳي ڪيفيت مان گذرڻ بعد اڄ ملازمت ڇڏي گهر ويهڻ تي مجبور آهي. ڪلثوم جو ڏوهه فقط ايترو هيو جو هن سان ٿيندڙ اها ويڌن سندن گهر وارن کي معلوم ٿي چڪي هئي. اها ئي همت سندس لاءِ بک ۽ بي روزگاريءَ جو سبب بنجي وئي. جيڪڏهن هوءَ به ٻين نارين وانگر اهو سور دل ۾ ئي پي وڃي ها ته اڄ رپئي پئسي لاءِ ڪنهن جي محتاج نه هجي ها. پر اهو ڏينهن اڄ به کيس ياد آهي ته بس ۾ سفر دوران ڪنهن اوباش کيس تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جنهن تي هن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو هو ۽ هن ان کي ڀري بس ۾ چماٽ وهائي ڪڍي هئي. جيڪڏهن ان بس ۾ سندس ڀاءُ جو هڪ دوست موجود نه هجي ها ته اها ڳالهه سندس گهر تائين نه پهچي سگهي ها. پر جڏهن اهو قصو ڪنهن طرح سندس گهر تائين پهتو ته کيس نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. اڄ هوءَ پنهنجي ان دليريءَ ۽ همت جو اهو صلو ملندي دل جو درد دل اندر لڪائڻ کي ئي حڪمت سمجهڻ لڳي آهي. پر هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي.
هڪ پرائيويٽ اداري جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ان ماسترياڻيءُ جو قصو به ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي، جيڪا اهي سڀ ذلتون برداشت ڪري روز آفيس پهچندي آهي. پر شازيه گهر کان آفيس تائين پهچڻ لاءِ ٽن سوارين بدلائڻ سبب وڏي عذاب ۾ مبتلا رهندي آهي. فورسيٽر کان سوزوڪي ۽ وري ٻيو فورسيٽر بدلائڻ ڪري روز سندس 40 کان 50 روپيا ڀاڙي ۾ خرچ ٿي ويندا آهن. جنهن ڪري 4 هزار روپين واري پگهار مان کيس فقط اڍائي هزار روپيا بچندا آهن. هن کي روز ٿيندڙ ان خرچ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. کيس سندس ئي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ اهو نوجوان ڏاڍو خوشنصيب نظر ايندو آهي، جيڪو روز موٽر سائيڪل تي چڙهي آفيس ايندو آهي ۽ کيس ٻڌائيندو آهي ته سندس اچ وڃ تي روز 15 روپيا خرچ ايندو آهي. جڏهن ته ان نوجوان کي شازيه وانگر آفيس پهچڻ لاءِ صبح جو سوير اٿڻو به نه پوندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن شازيه گهر کان آفيس تائين موٽر سائيڪل تي پهچڻ واري نوجوان سان پنهنجي مسئلن جي ڀيٽ ڪندي آهي ته کيس هن سماج ۾ عورت هجڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳندي آهي. هوءَ روز آفيس تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي وقت جي ان نوجوان جي وقت سان ڀيٽ ڪندي آهي ته کيس روز اچ وڃ ۾ ضايع ٿيندڙ ٻه ڪلاڪ پنهنجي بي وس هجڻ جو احساس ڏياريندا آهن. کيس ان وقت به پنهنجي عورت هجڻ ڪري معاشري جي پابندين تي ڏاڍي بڇان لڳندي آهي، جڏهن هو چاهيندي به موٽر سائيڪل نه هلائي سگهندي آهي. جيئن پنهنجو آفيس اچڻ وقت ايندڙ خرچ اڌواڌ گهٽائي سگهي. يا پنهنجا روز جا ٻه ڪلاڪ ٽائيم بچائي سگهي. انهن مڙني مسئلن کي ته هوءَ ڪنهن طرح منهن به ڏئي وڃي پر کيس رستي تي روز جنهن ذلت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان کان بچڻ لاءِ کيس موٽر سائيڪل ئي اهڙو ذريعو نظر ايندو آهي. جنهن سان هوءَ روز بروز گهر کان آفيس تائين اچڻ وقت بسن ۽ سوزڪين ۾ سفر دوران مردن جي بد نظر کان پاڻ کي بچائي سگهي ٿي. پر ڇا هيءُ سماج کيس موٽر سائيڪل هلائڻ برداشت ڪندو.
موٽر سائيڪل هلائڻ جي حسرت ته شازيه سميت ڪلثوم ۽ شاهده کي به آهي. هو پنهنجن آفيسن ڏانهن يا مارڪيٽن توڙي پنهنجن عزيزن ڏانهن ڪارن ۾ چڙهي ايندڙ پنهنجين آفيسرياڻين ۽ ٻين وڏ گهراڻين عورتن کي رشڪ جي نگاهه سان ڏسنديون آهن. هنن کي به ڊرائيونگ ڪرڻ جو شوق ٿيندو آهي، کين ڪار نه هجڻ تي موٽر سائيڪل به وڏي غنيمت نظر ايندي آهي، پر هو اڃا اهي روايتي پابنديون ٽوڙڻ جي همت ساري نه سگهيون آهن. کين حڪومت مان به اهڙي اميد نظر نه ٿي اچي. جيڪا کين موٽر سائيڪل خريد ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض يا امداد مهيا ڪري. جيئن هو روز جي تڪليفن کان آجپو ماڻي سگهن.
عورتن کي موٽر سائيڪل هلائڻ جي اجازت ملڻ بابت سنڌ ۾ پهريون ڀيرو بحث ان وقت شروع ٿيو هو، جڏهن هڪ سماج سڌارڪ اڳواڻ جناب مسعود لوهار ان معاملي تي هڪ اي ميل ذريعي خاموش پاڻيءَ ۾ پهريون پٿر اڇليو هو. مسعود لوهار جي ڪيب نيٽ گروپ تي آيل اي ميل سنڌ جي ڪيترن ئي سڄاڻ حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻي هئي. پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو هو ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر سنڌ توڙي پاڪستان جي عورتن کي به موٽر سائيڪل هلائڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. خاص ڪري نوڪري پيشا عورتن جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي کين موٽر سائيڪل خريد ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي اپاءَ ورتا وڃن. منهنجو هڪ سلجهيل دوست جنهن جي ڀيڻ روز 50 کان 60 روپيا خرچ ڪري اسڪول ۾ ماستريءَ جي نوڪري ڪرڻ ويندي آهي. ان وڏي هچڪچاهٽ کان پوءِ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو هو ته سندس ڀيڻ بسن، سوزڪين يا ٻين سوارين جي ڀيٽ ۾ موٽر سائيڪل تي وڌيڪ محفوظ رهندي. هن جي ڀيڻ جو نه صرف اسڪول وڃڻ وقت سوارين جي انتظار ۾ ضايع ٿيندڙ وقت بچي پوندو، پر کيس سواري جي انتظار وقت يا سواري ۾ سفر ڪرڻ وقت جنهن تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان کان نجات ملندي. جڏهن ته هوءَ پنهنجي خرچ جو اڌ کان وڌيڪ حصو بچائي سگهندي.
عورت جي موٽر سائيڪل هلائڻ ۾ آخر ڪهڙي قباحت آهي؟ جيڪي ماڻهو ان عمل جا مخالف آهن، ڇا اهي ان عورت جي انهن تڪليفن جو احساس ڪري سگهندا، جيڪا روز ڊيوٽي تي وڃڻ وقت بس اسٽاپن تي ڳچ وقت بيهڻ دوران اوباش ماڻهن جي نظرن ۽ فقرن جو نشانو بڻجي ٿي، گاڏين ۾ غير مردن جي کيس ڇهڻ وارين شعوري ڪوششن دوران پاڻ بچائڻ جا جتن ڪندي روزانو اذيتناڪ لمحن مان گذري ٿي. ڇا سنڌ ۾ ان بحث کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي ضرورت نه آهي؟ آخر سنڌ جي عورت جي انهن پراڻين ۽ مدي خارج روايتن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ ڪنهن کي ته اڳتي اچڻو پوندو. جيڪڏهن لطيف جي ڌرتيءَ جا وارث پنهنجن پڙهيل لکيل ۽ ملازمت ڪري گهر جو چرخو هلائيندڙ زالن، ڀينرن ۽ مائرن جا ڀرجهلا نه ٿيا ته سنڌ جهالت جي اونداهن غارن ۾ غرق ٿي ويندي. ڪيتريون ئي شازيائون ۽ شاهدائون گهرن جي ڪوٽن ۾ قيد ٿي ويهڻ تي مجبور ٿي وينديون. سنڌ جي وڏي آبادي عمل جي ميدان مان خارج ٿي ويندي. عورتن جي تعليم حاصل ڪرڻ وارو رجحان گهٽجڻ لڳندو. خوشحاليءَ جا خواب ساڀيان ٿي نه سگهندا. ڇا عورتن جي حقن ۽ نمائندگي جي دعويدار هيءَ حڪومت اهڙو ڪو پيڪيج آڻڻ لاءِ تيار آهي، جنهن سان عورت جي آجپي، عزت ۽ پاڻ ڀرائپ وارو خواب پورو ٿي سگهي!

Sunday, October 3, 2010
خوابن جو صفر
ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ڪاش! ڪو هجي، جيڪو اهو جاچي ڏسي ته منهنجي نيڻن ۾ ڪيتريون ويرانيون سمايل آهن ۽ ڪهڙو نه اڌورو پن منهنجي وجود جو مستقل حصو بڻيل آهي؟
چاهتن جي سفر ۾ پاڻ کي اڪيلو ڏسندي هاڻي مون اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ، مان محبت جي معاملي ۾ جيترو جذباتي ۽ انتها پسند آهيان، منهنجو بخت شايد ايترو سڳورو نه آهي!! منهنجو ڀاڳ ڏنگو آهي تڏهن ته منهنجي تصوراتي بهشت ۾ هميشه هڪ حور جي ڪمي رهي آهي، ۽ منهنجي جيون جي جهنگل ۾ هڪ هرڻيءَ جي غير موجودگيءَ منهنجي رڳ رڳ ۾ اداسي اوتي ڇڏي آهي. تڏهن ته مان پنهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي راتيون لڙڪن ۾ لوڙهيندو رهيو آهيان، ۽ تڏهن ته محبت جي ڏوهه ۾ مان اڄ به پنهجي اُن محبوبا پاران مليل جُدائيءَ جي لذت ماڻي رهيو آهيان، جيڪا منهنجي زندگيءَ جي خوابن منجهان هڪ ’سُنهرو خُواب‘ هئي، ۽ آهي.
محبت جو مسئلو اهو هرگز ڪونهي ته مرد هڪ خاص عورت کي پنهنجي ’جيون ساٿياڻي‘ بنائڻ جا جتن ڪري ، يا عورت ڪنهن خاص مرد کي پنهنجو ’رفيق حيات‘ بنائڻ لاءِ حيلا هلائي، بلڪه محبت هڪ خاص ’رفيق‘ يا ’رفيقه‘ جي سُڃاڻ ۽ قبوليت آهي. محبت اسان کي ڪنهن نامعلوم شيءِ جي تلاش لاءِ مجبور ڪونه ٿي ڪري جنهن کي استعمال ڪري اسان لطف ماڻي سگهون، بلڪه ڪنهن اهڙي نامعلوم شخص جي تلاش لاءِ اُتساهي ٿي، جنهن سان اسان ٻطرفو تعلق، يعني مڪمل انساني تعلق قائم ڪرڻ جِي توقع ڪري سگهون. محبت بُکَ جي اصلاح يافته شڪل جو نالو آهي، اها هڪ اهڙي تسڪين جي تلاش آهي جا فقط غير ذات جي تعلق سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. منهنجو به ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مجسم شاعريءَ جهڙي هُن ڇوڪريءَ سان موبائل فون ذريعي اتفاقي تعلق جڙيو هو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ الائي ڇو هوءَ منهنجي ضرورت کان به وڌيڪ ’ضرورت‘ بڻجي وئي هئي. ان جو سبب شايد هن کي فطرت پاران مليل جهرڻن ۾ وهندڙ پاڻيءَ وانگر مڌر ۽ ستار جي وڄندڙ ڪنهن ڌيمي سُر جهڙو سندس دلڪش آواز هو، جيڪو مونکي ڪنهن منُ موهيندڙ نغمي جهڙو مزو ڏيڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. هوءَ پنهنجي لطافت ۽ نزاڪت جي لحاظ کان شائستگيءَ جو انتهائي تخيل هئي. اڄ به جڏهن مان، هن جي البيلائن، من ڀانوڻين ادائن، عقل، فهم، مقناطيسي سڀاءَ ۽ سندس رُسڻ ريجهڻ جي گهڙين جو تصور ڪريان ٿو ته منهنجي ذهن مٿان چمڪندڙ ستارن جي چادر ڇانئجي وڃي ٿي.
هِتي مان هن جي اصل نالي کي هڪ اِسرار جو حصو سمجهندي، سندس فرضي نانءُ ’سُرهاڻ‘ لکڻ پسند ڪندس، ڇوته بغير ڏسڻ ۽ بغير ملڻ جي ٿوري ئي عرصي جي تعلق سان هُوءَ واقعي به منهنجي روح جي سُرهاڻ بڻجي وئي هئي. هوءَ، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره هجڻ سان گڏ هڪ کِلڻي کڙڪڻي، سِڌي سَنواٽي ۽ ٿڌي ڇانوَ جهڙي ڇوڪري هئي، هڪ نفيس روح ۽ شيشي جهڙي صاف شفاف ۽ نازڪ دل جي مالڪ هجڻ سبب مونسان موبائل فون تي ڳالهائڻ دوران ڪنهن دلڪش خوشبوءَ وانگر هورڙيان ئي هورڙيان منهنجي رڳ رڳ ۽ پُور پُور ۾ واسبي وئي هئي. هُوءَ ڄڻ ساهه جيان منهنجي اندر کڄندي ۽ اوتبي رهي هئي. فون تي هن جون دلنشين ڳالهيون دلبراڻي انداز ۾ ٻڌندي منهنجي روح ۾ جگنو چمڪي پوندا هئا، منهنجا خُواب مهڪي پوندا هئا. ماحول ۾ جلترنگ جاڳي پوندا هئا ۽ اچانڪ ڪائنات جهومي پوندي هئي. ايئن لڳندو هو ڄڻ منهنجي ڪا وڃايل شيءِ مونکي واپس ملي وئي هجي. هوءَ جڏهن ڳالهائيندي هئي ته منهنجي تنَ منَ جا سڀئي تناوَ شانت ٿي ويندا هئا، سرابَ جهڙي زندگيءَ جو سمورو ٿڪُ ڇنڊجي ويندو هو ۽ مون لاءِ خوشيءَ جا ڪي ٿانَ کُلندا ويندا هئا. هن جا لفظ ڄڻ ماکيءَ جا ڍُڪ هوندا هئا جيڪي منهنجي روح ۾ لهندا ويندا هئا. هوءَ جڏهن کِلندي هئي ته هر طرف گُلن جِي ورکا ٿي ويندي هئي ۽ آڪاش جي اوچاين ۾ انڊلٺي رنگ ڦهلجي ويندا هئا. هن جي ٽهڪڙن ۾ ستن سُرن جو سنگيت هوندو هو. سندس چوڙين جي جهنڪار جهڙو ترنمي آواز جڏهن منهنجي ڪنن ۾ ٻرندو هو ته ڄڻ مان ڪنهن نرم ملائم ريشمي اُڏند کٽوليءَ سهاري بادلن کان مٿي اُڏرڻ لڳندو هئس. هن جو آواز ٻڌي نه ڄاڻ ڇو منهنجو من ماضيءَ ڏانهن ڊڪڻ لڳندو هو ۽ منهنجي وڃايل محبت ”مهناز“ سان جڙيل سمرتين وٽ پهچي ويندو هو. مهناز، جنهن کانسواءِ منهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي سال هڪ سوڳ وانگر گذريا هئا، جيڪا منهنجي من ۽ وجود ۾ گهر رکندي به منهنجي اکين جي پهچ کان پري رهي هئي، جنهن جي ڏهاڳ جا ڏنڀ منهنجو سنڌ سنڌ ساڙيندا رهيا هئا، ۽ جنهن جي ڦوڙائيءَ جي ڦٽن هڪ عرصي کان منهنجي جيون ۾ سُکَ کي ڪا جاءِ نه ڏني هئي.
مونکان منهنجي باقي زندگيءَ ۾ سَهه سياري جي اها رات ڪڏهن به وسري ڪونه سگهندي جڏهن سُرهاڻ سندس ڳوٺ ۾ موبائل فون جو ’نيٽ ورڪ‘ ٺيڪ نه هجڻ سبب دير سان پنهجي گهر جِي ڇت تي چڙهي، تهه پاري ۾ ٿڙڪندي مون سان موبائل تي ڳالهائي رهي هئي. ان وقت ساڻس اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندي منهنجي ڳلي تائين ڪو گمنام جذبو اڀري آيو هو ۽ دل هٿان مجبور ٿي پهريون ڀيرو ساڻس پنهنجي خاموش ۽ چپ چاپ محبت جو چٽو اظهار ڪري ويٺو هئس. جيتوڻيڪ مان پنهنجي دل ۾ هن لاءِ نامحسوس طريقي سان پرورش پائيندڙ محبت جي اڌوري ڄاڻ ته کيس ڳُجهن اشارن طور ڪجهه شعرن جِي صورت ۾ ڪيترن ڏينهن کان ’ايس.ايم.ايس‘ ذريعي اماڻيندو رهيو هئس، پر پوءِ به اڃا هوءَ پاڻ کي اڻڄاڻ ظاهر ڪري رهي هئي، جنهنڪري اُن رات هن سان ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ بعد کانئس پڇي ويٺو هئس ته، ”منهنجي شاعري ڌيان سان پڙهندي آهين يا ڪونه؟“ موٽ ۾ هن هڪ سرد آههَ سان گڏ ”ها“ ۾ ورندي ڏني هئي.کانئس وڌيڪ پڇيو هئم ، ”سمجهه ۾ به ايندي اٿئي؟“ هن وري به ”ها“ کان علاوه ڪجهه به نه وراڻيو هو. جنهن تي کانئس پڇيو هئم، ”تنهنجي عمر ڪيتري ٿيندي؟“ منهنجي اهڙي سوال تي پهريان هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو هو ۽ پوءِ چيو هئائين ته، ”مرد پنهنجي اصل پگهار ۽ عورتون پنهجي اصل عمر ڪڏهن ڪونه ٻڌائينديون آهن.“ مون به سندس ڳالهه رکندي کيس چيو هو ، ”جي تون به پنهنجي اصل عمر لڪائڻ ٿي چاهين ته ڪجهه سال هيڏانهن هوڏانهن ڪري ئي کڻي ٻڌاءِ.“ منهنجي اصرار بعد هوءَ ڪجهه لمحا ڪنهن ويچار ۾ گُم ٿي وئي هئي ۽ پوءِ اچانڪ ورندي ڏيندي چيو هئائين، ”اٺاويهه سال.“ هن جي جواب جي موٽ ۾ مون بروقت کانئس پڇيو هو ته، ”پوءِ عقل واري ڏاٺ اڃا ڇو ڪونه ڄائي اٿئي؟!“ منهنجي ان سوال تي پهريان ته هن جون وايون ئي بتال ٿي ويون هيون، پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي پڇيو هئائين ته، ”ڇا مطلب؟!“ مون ڪنهن وضاحت ۾ وڃڻ بدران وري به هن کان ئي پڇيو هو ته، ”مطلب واقعي نٿي سمجهين يا سڀ ڪجهه ڄاڻڻ باوجود اڻڄاڻ ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪرين؟“ منهنجي پوئين سوال بعد سُرهاڻ پهريان ته ککي وکي ٿي ماٺ ۾ غلطان ٿي وئي هئي، پر پوءِ ڦڦڙن تائين اونهون ساهه ڀريندي، دل جي آخري تهه تائين پيهجي وڃڻ واري دلڪش انداز ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو هئائين، ”بغير ڏسڻ ۽ ملڻ جي اهو سڀ ڪيئن ممڪن آهي؟!“ موٽ ۾ مون وري کانئس هڪ نئون سوال ڪندي پڇيو هو ته ، ”ڇا اسان مان ڪڏهن ڪنهن خدا کي ڏٺو آهي؟!“ منهنجي سوال تي هوءَ پٿر وانگر خاموش رهي هئي. مون سندس ذهن کي وڌيڪ سوچڻ جي فرصت ڏيڻ بجاءِ پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو هو، ”جڏهن خدا کي ڏسڻ کانسواءِ اسان نه رڳو کيس هڪ احساس طور محسوس ڪريون ٿا، پر سندس اجنبي هستيءَ سان انتهائي درجي جِي محبت به ڪريون ٿا، ته پوءِ بغير ڏسڻ ۽ ملڻ جي آخر انسان جِي انسان سان محبت ڇو نٿي ٿي سگهي؟!“ منهنجي اهڙي دليل بعد پنهنجي لاجوابيءَ کي لڪائڻ خاطر هڪ گهڻ گهُري ويجهي دوست وانگر هن پهريون ڀيرو مونکي ”توهان“ بدران ”تون“ چئي مخاطب ٿيندي، انتهائي حسرت ڀريل لهجي ۾ چيو هو ، ”تون، اڳواٽ گهرائتو ماڻهو آهين، ۽ مان هڪ عورت هجڻ ناتي ڪنهن ٻي عورت جي گهر تي ڌاڙو هڻي، ڌاڙيل ٿيڻ نه چاهيندس.“ سُرهاڻ جِي سوچ کان واقف ٿيڻ بعد مون کانئس پنهنجي مرضي مڃرائڻ لاءِ مٿس وڌيڪ ڪو به زور نه ڀريو هو، ڇو ته مون ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته محبت هڪ اظهاري جذبو آهي، ملڪيتي جذبو ڪونهي. جنهن لمحي اسان ڪنهن ٻئي انساني وجود جي ذاتي حقيقت ۽ آزاديءَ کي تسليم ڪندي ان جو احترام ڪريون ٿا دراصل ان لمحي ئي اسان محبت ڪرڻ جي قابل هجون ٿا. اهو لمحو اُن مقام جي نشاندهي ڪري ٿو جڏهن اسان جي دل جسماني خواهشن لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اسان انساني تعلقات جي دنيا ۾ آزاد ۽ عقل تي مشتمل ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي پوندا آهيون.
بهرحال، سُرهاڻ ۽ منهنجي وچ ۾ ”ٽيليفون ٽاڪ“ جو اهو سلسلو اُتي ئي ختم ڪونه ٿيو هو ۽ اڳتي به روان دوان رهيو هو. هڪ ٻئي جي دلين جي سياحت ۽ جذبن جي اوت پوت ڪرڻ بعد اسان جي گفتگوءَ ۾ هڪ ٻئي لاءِ خلوص سان گڏ ويجهڙائپ به شامل ٿي چڪي هئي. اسان حجابن ۽ اوپرائپ جون سموريون سيمائون پار ڪري ڇڏيون هيون. ۽ هاڻي اسان جي وچ ۾ اهڙو ته ڳنڍُ ڳنڍجي چڪو هو جو هر وقت هڪ ٻئي سان ڀانت ڀانت جون ڳالهيون ڪري زندگيءَ جو لطف پيا ماڻيندا هئاسين. انهن ڳالهين ۾ اسان جي گهرن جون ڳالهيون، اسان جي ڳوٺن ۽ شهرن جون ڳالهيون، اسان جي ٻالڪپڻ جون ڳالهيون، ٻالڪپڻ جي شرارتن، نادانين ۽ بيوقوفين جون ڳالهيون ۽ اهڙيون ٻيون به اڪيچار ڳالهيون شامل هونديون هيون. سُرهاڻ ڳالهائيندي هئي ته مان کيس خاموشيءَ سان ٻڌندو هئس ۽ مان ڳالهائيندو هئس ته هوءَ هڪ چِتي ٿي مونکي ٻڌندي هئي. توڻي جو فون تي اسانجي وات ٽُڪاڻيءَ جو اهو سلسلو روزانو ڪيترن ڪلاڪن تائين هلندو هو، پر پوءِ به اسان جي اُساٽ اُجهڻ جي نه هوندي هئي. مان ته ڳالهين ڳالهين ۾ سُرهاڻ سان سندس ئي متعلق پنهنجا خواب به انتهائي بي باڪيءَ سان شيئر ڪري ڇڏيندو هئس. خوابن جِي واديءَ ۾ ڪڏهن مان سائي پٽَ پٽيهر تي وڻن جي لامن ۾ هن سان گڏ پينگهه لُڏندو هئس، ڪڏهن سندس ڳچيءَ ۾ ٻئي ٻانهون وجهي برسات ۾ ڀِڄندو هئس، ڪڏهن ڪنهن ناوَ ۾ ساڻس گڏ درياءُ پار ڪندو هئس، ته ڪڏهن هن جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي سمنڊ جي ڀِڳل واريءَ تي پسار پيو ڪندو هئس. پاڻ لاءِ کليل اکين سان ڏٺل منهنجا خواب ٻڌي سُرهاڻ اڪثر ٿڌا ساهه ڀريندي چوندي هئي ”خوابَ نگر مان نڪري اچ ۽ آدرشي ٿيڻ بجاءِ حقيقت پسند ٿي وڃ.“ جواب ۾ کيس چوندو هئس، ” آرزو پوري ٿيڻ ته نصيب جي ڳالهه آهي، پر آرزو ڪرڻ ته اسانجي پنهنجي وس ۾ آهي. جي مان پنهنجي من ۾ تنهنجي آرزو رکان ٿو ته ان ۾ تنهنجو ڇا ٿو وڃي؟“ هن جي نصيحت جِي موٽ ۾ مان کيس اهو پڻ ٻڌائيندو هئس ته، ”گلن جيان مهڪندڙ خواب، ستارن وانگر چمڪندڙ خواب ۽ ماڪ مثل برسندڙ خواب منهنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن، مان انهن حسين خوابن جي سدائين آڱر پڪڙي هلندو رهيو آهيان ۽ انهن کان سواءِ جيئڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهان.“ منهنجي دليلن اڳيان غلط ، صحيءَ جا ليڪا پائيندي هوءَ دليلبازيءَ جي وڌيڪ ورن وڪڙن ۾ وڪوڙجڻ ۽ مونکي به وڪوڙڻ بجاءِ اهو چئي بحث کُٽائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته، ” تنهنجي عقل کي اڏوهي کائي وئي آهي. توکي اها سمت ڇو نٿي اچي ته ، ڪنهن ڌاري ڇوڪريءَ لاءِ اهڙا خواب ڏسڻ، اهڙا ويچار رکڻ توکي واجب ناهن.“ سُرهاڻ جي ان سوچ کي بي اثر ڪرڻ خاطر کيس جواب ۾ چوندو هئس، ” تون ته منهنجي اندر ۾ رهندي آهين، پوءِ ڀلا ڌاري ڪيئن ٿينءَ؟“ منهنجون ڀاونائون ڄاڻي هوءَ حسرت ڀريل لهجي مان چوندي هئي، ”خوابَ برابر زندگيءَ جو حصو آهن، پر حقيقتون به ڏاڍيون ظالم ٿينديون آهن.“ مونکي اڃا به ڌيرج سان سمجهائيندي وڌيڪ چوندي هئي، ” مان ڄاڻان ٿي تون خوابن سان پيار ڪندو آهين، پر تون نٿو ڄاڻين ته اکين ۾ سجايل خوابن جا پکي جڏهن پلڪن جي ڏانڊين تان اچانڪ اڏامي ويندا آهن ته اکيون ڪيڏيون نه حيران رهجي وينديون آهن!!“ جڏهن مان، سُرهاڻ جي اهڙين هوائي ڳالهين تي پنهنجن خوابن کي گهورڻ لاءِ تيار نه ٿيندو هئس ته مونکي بدِ دل ڪرڻ ۽ منهنجي خيالن کي ڏانوڻ وجهڻ خاطر هوءَ اسان جي روحاني لاڳاپن کان به بيپرواهه ٿي، نهايت تيز و تند لفظن ۾ مونکي ٺاهوڪي ڇنڊ پٽيندي هئي. توڻي جو اُن وقت هوءَ ايترو خيال به نه ڪندي هئي ته، هڪ ديوار تي پٿر اڇلائڻ ۽ هڪ انسان تي پٿر اڇلائڻ ۾ زمين آسمان جو فرق ٿيندو آهي. پر، جيئن ته مونکي هن جِي هر ادا منُ موهيندڙ ۽ دل کسيندڙ لڳندي هئي، تنهن ڪري سندس هر لفظ ۽ جملي جو هڪ عجيب چشڪو ۽ مٺاڻ محسوس ڪندي، کيس ستائڻ خاطر هاسيڪار هن لاءِ پنهنجي تخيل جو سلسلو اڃا به اُتاهون ڪري سڀئي پڌر پار ڪري ڇڏيندو هئس. اهڙن موقعن تي جڏهن هوءَ منهنجي حرڪتن کان بيزاري ظاهر ڪندي توائيءَ ۾ ٽُٻ ٽار ٿي ويندي هئي ته کيس سندس اکيون پورڻ لاءِ چوندو هئس. مون پاران اهڙي فرمائش ٿيڻ تي هوءَ منهنجي منَ جي ڳالهه تاڙي وٺندي هئي ۽ هر ڀيري رُکائيءَ سان ناڪاريندي هڪ مخصوص انداز ۾ چوندي هئي، ” اها ڪهڙي زبردستي آهي؟“ کيس جواب ۾ چوندو هئس ” زبردستن سان زبردستي ئي ڪرڻي پوندي آهي.“ منهنجي اصرار تي جڏهن هوءَ مونکي سندس اکيون بند ڪري ڇڏڻ جو اطلاع ڏيندي هئي ته مان به پنهنجين اکين جا ڇپر واري، تصور جي گهوڙي تي سوار ٿي، فورن هن وٽ پهچي ويندو هئس ۽ هن کي پنهنجي ٻانهنِ ۾ ڀري، کيس پنهنجي محبوب شاعر ’اياز گل‘جي هڪ غزل جو شعر، ” تنهنجا نيڻ چمڻ ٿو چاهيان، ٽيهن ئي سيپارن وانگر.“ٻڌائيندي، پنهنجي چپن کي عقيدت ۽ احترام منجهان واري واري سان سندس ٻنهي نيڻن مٿان سجدا ڪرائيندو هئس. ان لمحي ته منهنجي اهڙي عمل کي منهنجي چريائپ تصور ڪندي ۽ مونکي ’عقل کان پيدل‘ ڪوٺيندي، هوءَ اڪثر ڪال اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيندي هئي، پر پوءِ به مونکان پاڻ پلي رهي نه سگهندي هئي.
•••
سُرهاڻ ، جنهن کي مان ڪنهن خاص وجهه کان ’ماسات‘ سڏيندو هئس، جڏهن به مون سان ناراض ٿيندي هئي ته کيس پرڀائڻ لاءِ هن کي سندس لاءِ ئي لکيل پنهنجو هِي غزل ڳائي ٻڌائيندو هئس:
مون سان ڪر ڪا بات، رُسين ٿي ڇالئه،
او مٺڙي ماسات، رُسين ٿي ڇالئه!!
روح سدا ٿو تولئه هِي رانڀاٽ ڪري،
تنهنجي هردم تات، رُسين ٿي ڇالئه!!
رب جي نانءَ سان گڏ ٻيو تنهنجو نانءُ وٺان،
وائي ٻي نه آ وات، رُسين ٿي ڇالئه!!
مون کان مُنهن مٽائي تون به ته بستر ۾،
جاڳي آهين رات، رُسين ٿي ڇالئه!!
جوڳيءَ تنهنجي در تي آهي سينَ هنئي،
پيار جِي ڏي خيرات، رُسين ٿي ڇالئه!!
يا جڏهن مون مان ڪسرون ڪڍڻ خاطر هوءَ ڪي گهڙيون رابطا معطل ڪندي هئي، ته کيس ترپڻ خاطر پنهنجي هڪ ٻئي غزل جا هيٺيان شعر کيس ’ايس.ايم.ايس‘ ڪندو هئس:
مس ڪال ته ڪر جانان،
بدحال نه ڪر جانان!
تون ڪيئن گذارين ٿي؟
احوال ته ڪر جانان!
هِن قرب جي قيديءَ کي،
ڪنگال نه ڪر جانان!
مان اُجڙي ويندو سانءِ،
ڪجهه خيال ته ڪر جانان!
جڏهن اڃا به مون لئه هن جي دل ۾ ديا نه جاڳندي هئي ۽ مونکي ٺاهوڪي سيکت ڏيڻ خاطر هوءَ ڪجهه وقت پنهنجو موبائل ئي ”آف“ ڪري ڇڏيندي هئي ته هَوا ذريعي کيس هي پيغام اماڻيندو هئس:
جڏهين منهنجي سانوري بند ڪندي آن فون،
تڏهين ڄڻ ڪو خون، ٿيندو آ ڪنهن خواب جو.
منهنجين آزيُن نيزاريُن بعد ٻيهر رابطو بحال ٿيڻ تي سُرهاڻ بار بار مون کي ”سُڌري وڃ!“ جهڙا الٽيميٽم ڏيندي چوندي هئي، ”دل جو دامن ڇڏي، عقل کان ڪم وٺ. ٻچڙيوال آهين، ڀريو ڀاڳيو گهر اٿئي، مون لاءِ سوچڻ بجاءِ پنهنجي گرهستيءَ تي ڌيان ڏي.“ تنهن پل هڪ ڊگهو ساهه کڻي کيس چوندو هئس، ”مان ته تنهنجي ڳالهه مڃان به کڻي، پر دل کي ڪير سمجهائي؟! ان اڳيان ته ڪو دليل ۽ دعويٰ هلي ئي نٿي.“ منهنجي لاچاري اڳيان مڪر ڪندي وري هوءَ تيز تاب ۾ اچي ويندي هئي ۽ مصنوعي ڪاوڙ مان مونکي وڌيڪ دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيندي، ڪينچيءَ جهڙي تيز لهجي ۾ پڇندي هئي، ” آخر، مان تنهنجي لڳان ڇا؟“ تپندڙ لوهه تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻندي سانتيڪي سڀاءَ سان چوندو هئس، ” تون منهنجي جان، ۽ منهنجي مٺڙي ماسات آهين.“ منهنجي اهڙي ورنديءَ تي هوءَ وڌيڪ بِر ٿي ويندي هئي ۽ آڏي پڇا واري انداز ۾ ڇينڀ ڏيندي چوندي هئي، ” تو، مونکي سمجهيو ڇاهي؟“ ڌيرائتو ٿي چوندو هئس، ” مون توکي پنهنجي سِر جو سائين سمجهيو آهي.“ ڪنهن جلالي صوبيدار جيان سوال مٿان هڪ نئون سوال ڪندي پڇندي هئي، ” تون پاڻ کي سمجهين ڇاٿو؟“ تُرت جواب ڏيندي چوندو هئس، ”تنهنجو غولو ۽ غلام!“ پڇندي هئي، ”آخر سڌرندين ڪيئن؟“ کيس ڀاوَ ڀرئي لهجي ۾ وراڻيندو هئس، ” تون منهنجي سانئڻ آهين، تنهنجي حڪم تي ڪجهه به ڪري سگهان ٿو، پر منهنجي سڌرڻ جو آسرو نه ڪجانءِ، ڇوته منهنجي سڌرڻ جو مدو پورو ٿي چڪو آهي.“ چوندي هئي، ”مونکي معاف ڪر!“ کيس ٻڌائيندو هئس، ”هي فقير معاف ڪرڻ وارو ڪونهي.“
سُرهاڻ جڏهن ڏسندي هئي ته سندس دٻڙ دئونس تي مونکي ڪوئي لوڏو نٿو اچي، ته مونکي ريهي ريبي نيٺ ٿڪجي پوندي هئي. جڏهن مان سندس هر لفظ ۽ هر جملي جي تلخي خاموشيءَ سان سهي ويندو هئس ۽ ڪنهن به طرح کيس وٺ نه ڏيندو هئس ته کيس آخر آڳ قبولڻي ئي پوندي هئي. اهڙي صورت ۾ مونکي نٺر ڀائيندي سڀئي سانگ ڇڏي هوءَ منهنجي پيار جي ”پناهه گاهه“ ۾ موٽي ايندي هئي، سامت جو ساهه کڻي هيڻائيءَ مان چوندي هئي، ”پليز! سڌري وڃ ۽ مونکي وساري ڇڏ.“ موٽ ۾ سندس سوچ کي لغام ڏيڻ خاطر کيس کُتو جواب ڏيندي چوندو هئس، ” تون ساحل تي لکيل ڪا عبارت ڪونهين جو لهر اچڻ سان مِٽجي وڃين، تون بارش جي پوندڙ بوند به ڪونهين جو اچانڪ رڪجي وڃين، تون هَوا جو جهونڪو به ناهين جو اچين ۽ گذري وڃين، تون ننڊ ۾ ڏٺل ڪو معمولي خواب به ڪونهين جنهن کي اکيون کلڻ تي جهٽڪو ڏئي ڀُلائي ڇڏجي. تون ته منهنجي هڪ حسرت آهين، ۽ حسرت اُها شيءِ آهي جنهن کي حياتيءَ جي آخري ساهن تائين ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.“
پاڻ سان سُرهاڻ جو وڙاؤ ۽ وهنوار ڏسي مونکي مون ۾ چاهه وٺندڙ لاڙ جِي اُها شاعره ياد ايندي هئي جيڪا مونکي صادق دل سان چاهيندي هئي، پر مان پوءِ به ساڻس انڪري ڪٺورتا سان پيش ايندو هئس جو هوءَ اڳواٽ هڪ پرڙيل عورت هئي. هوءَ، جيڪاَ اڄ به پاڻ کي ”امرتا“ ۽ مونکي پنهجو ”ساحر“سمجهندي آهي، تنهن جي جذبي جو دل ئي دل ۾ قدر ڪرڻ باوجود مون لڳاتار ساڻس نا مناسب رويو انڪري رَوا رکيو هو جو مون کي پڪ هئي ته مونسان هن جو جيڪو جذباتي لڳاءُ آهي ان جي ڪري سندس شادي شده زندگي ڪنهن به وقت متاثر ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري مون وک وک تي هن جي ارادن کي روڪڻ خاطر کيس بار بار نظر انداز ڪيو هو. مونکي اڄ به چِٽي طرح ياد آهي ته جڏهن مان هن جي ڪال اٽينڊ نه ڪندو هئس ته هوءَ راتين جون راتيون جاڳي موبائيل تي مونڏانهن پئي ”ايس.ايم.ايس“ اماڻيندي هئي، جن ۾ ڪيئي منٿون ميڙون، قسم واسطا ۽ عاجزي شامل هوندي هئي. پوءِ به جڏهن مان هن کي پنهنجو آواز ٻڌائڻ لاءِ چپن تان چونو نه لاهيندو هئس ته هوءَ مونکي منهنجي اولاد جو قسم ڏيئي سندس فرشتن جهڙي معصوم ۽ ننڍڙي پياري ڌيءَ ”ردا“ سان رڳو ٻه منٽ ڳالهائڻ لاءِ راضي ڪرڻ جِي ڪوشش ڪندي هئي. ڇوته جڏهن مان ”ردا“ سان ڳالهائيندو هئس ته موبائل ”هينڊ فري“ ڪري گهڙي کن لاءِ منهنجو آواز هوءَ پاڻ به ٻڌي وٺندي هئي. هاڻي مونکي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳو هو ته ”صنم“ سان ڪيل ڪلورن جا حق حساب شايد قدرت وارو مونکان سُرهاڻ وسيلي وٺائي رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ هاڻي مان اهو مڃڻ تي مجبور ٿي پيو هئس ته دنيا ۾ ”مقافاتِ عمل“ نالي ڪا شيءِ به بلاشڪ موجود آهي!
مونکي ياد ٿو اچي ته مونکي سڌارڻ ۽ مونکان پاڻ پلائڻ جي ارادي سان هڪ ڀيري سُرهاڻ پاڻ کي ”انسان“ مان ”پٿر“ بڻائي ٻن ڏينهن تائين پنهجو موبائيل ئي ”آف“ ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي دل سان جيڪا ويڌن ٿي هئي، اها ڪيفيت مون ”ممڪن ناهي!“ جي عنوان سان هڪ نظم لکي، هن طرح قلمبند ڪئي هئي:
منهنجي سانئڻ!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
توکان ڌار گذاريندي،
تنهايُن جي ڀيڙَ ۾ آخر،
پنهنجو پاڻ وڃائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
هڪ ئي پل ۾
پنهنجا سُندر خوابَ ۽ سارا
هوشَ، حواسَ گنوائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
برههَ جي بنواسَ ۾ تنهنجي
سارُن کي سنتوش بڻائي،
ساهه سندي کي سختيون سڀ سهائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
دل کي درد ـ سمونڊ ۾ ٻوڙي،
گهاڻي جي پيڙا مان گذري،
اکڙيون پولارن ۾ آئون کُپائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
برکا رُت جي پهرين بارش ڏينهن اچانڪ،
ڪنهن سگريٽ جي ڦُلي وانگر،
پنهنجو پاڻ ڇڻائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
پاڻ کي تنهنجو پاڇو سمجهي،
هوريان هوريان ڪنهن شمع جيان،
جلندي پاڻ پگهاري ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
هجر جي ماريل دل کي ماٺ ڪرائڻ خاطر،
ڪنهن پل لاچاريءَ عالم ۾،
خنجر خُود وهائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
درد کي پنهنجو جيونُ ارپي ،
۽ ڪنڌ مونن منجهه لڪائي ،
ڪولابا، ڪنٺا ڀي ڪڏهين پائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
پڄري پڄري،
من پنهنجي کي انڌيارن جو،
ڪارو ڪفن ڍڪائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
بي چينيءَ جي گونج کان ڏنگجي،
پنهنجي اُجڙيل روح جي بستي،
پل ۾ پاڻ جلائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
توکي چاهڻ جي خواهش ۾،
خوابن کان اکڙيون، رستن کان
پير به پنهنجا گهائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
تنهنجي راهن ۾ اٽڪيل،
نمناڪ نگاهن کي بس،
ڪنهن ويران جزيري منجهه رُلائي ويهان!
ممڪن آهي....
ممڪن آهي،
کٽَ تي ليٽي، ويهاڻي کي ٽيڪ لڳائي ،
ڏسندي ئي ڏسندي جيون جِي ،
هڪ ڏينهن راند ڦِٽائي ويهان!
ممڪن آهي....
پر او سانئڻ!
کن پل لئه ئي،
تنهنجي ياد جي آڱر ڪڏهين،
هٿ مان آئون ڇڏائي ويهان!
ممڪن ناهي!
ممڪن ناهي!
ممڪن ناهي!
ٻن ڏينهن بعد سُرهاڻ پاران ٽُٽل رابطو بحال ٿيڻ تي لَڙيءَ اڌ رات مهل گهر کان ٻاهر وڃي جڏهن مون موبائيل تي کيس پنهنجو مٿيون نظم ٻڌايو هو ته هوءَ روح تائين ڌونڌاڙجي وئي هئي، سندس دل ڄڻ جنڊ جي پُڙن وچ ۾ چِچِرجي پيئي هئي، هن جي چپن مان اوچتو آههَ ايئن نڪتي هئي ڄڻ ڪو پکي آکيري مان اُڏامي ويو هجي. نظم شروع ٿيڻ کان پورو ٿيڻ تائين هوءَ ڪنهن معصوم ٻار جيان روئندي، حال کان بي حال ٿي وئي هئي. ان رات پهريون ڀيرو مون هڪ پٿر کي پُرزا ٿيندي محسوس ڪيو هو، پهريون ڀيرو اسانجي ٻن دلين ۾ ڌرتي ڦاٽڻ جهڙو هڪ باهمي ڌماڪو ٿيو هو ۽ اسان جي دلين ۾ گڏ ٿيل درد هڪ ئي وقت سُڏڪن جي صورت ۾ ڦاٽي ٻاهر نڪتو هو. اهو پهريون موقعو هيو جڏهن سُرهاڻ ۽ مان گڏجي رڄ ٿي رُنا هئاسين. ساڳي رات سِسِڪيون ڀريندي ۽ مون مٿان پنهنجي ملائڪن جهڙي معصوميت نروار ڪندي سُرهاڻ ٽٽل ٽٽل لفظن ۽ گهٽيل گهٽيل لهجي ۾ مون سان اهو اعتراف پڻ ڪيو هو ته، ”مان توکان نفرت ڪونه ڪندي آهيان، بس رڳو توکان پنهنجي پچر ڇڏائڻ چاهيندي آهيان، انڪري جو تون ڏاڍو جذباتي ۽ سمجهه کان ڏيوالو آهين.“ موٽ ۾ هڪ ئي وقت روئڻ ۽ کلڻ واري گاڏڙ ساڏڙ لهجي ۾ مون کيس چيو هو ته، ”چري! ڀل تون مونکان نفرت ڪندي ڪر، تنهنجي نفرت به مون لاءِ ڪنهن ميراثَ کان گهٽِ ڪونه آهي.“
•••
سُرهاڻ ۽ مان هاڻي ڪيترائي حيلا هلائڻ جي باوجود به هڪ ٻئي کان پنهنجو پنهنجو درد لڪائي ڪونه سگهندا هئاسين، ۽ نه ئي اسان مان ڪنهن کان ڪنهن ٻئي جو سُور ئي سَٺو ٿيندو هو. هاڻي اسان ڳالهين ڳالهين ۾ روئي پوندا هئاسين ۽ روئندي روئندي کِلي ويهندا هئاسين. هڪ ڀيري معاشي حالتون ٺيڪ نه هئڻ سبب منهنجا ڏينهن ڏاڍي تنگدستيءَ وارا گذري رهيا هئا. انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن نه چاهيندي به جڏهن سُرهاڻ سان پنهنجو حال اوري ويٺو هئس ته يڪا يڪ ڪنهن وبا وانگر هن کي به اُداسي وڪوڙي وئي هئي. انتهائي گنڀيرتا ۽ پوري خلوص مان چيو هئائين، ” ڪجهه پئسا مان موڪليانءِ....؟“ سُرهاڻ جي آڇ ٻڌي مون پنهنجو وجود پاڙئون اُکڙندي محسوس ڪيو هو. اکين اندر ڳوڙها زنجيرن ۾ جڪڙجي منهنجي سمورن جذبن تي ڇانئجي ويا هئا. ان پل جڏهن پنهنجي ”جيون ڪتاب“ تي نظر ڦيري هئم، ته اُن جو ”جيون ساٿيءَ“ وارو ورق ڪافي ڌنڌلو نظر آيو هئم. جنهن جي چِٽائيءَ تي غور ڪندي جڏهن اکين ۾ سُرهاڻ جو تصور تري آيو هئم ته اکين ۾ آيل ڳوڙهن جو جهلائو بند ٽٽي پيو هو. اکين جي نميءَ کي آواز ۾ لهڻ نه ڏنو هئم، ۽ اندر جي سمورن جذبن کي لڪائي، پنهنجي خود داريءَ کي ڪرچيون ٿيڻ کان بچائڻ خاطر، هڪ ئي ساهيءَ ۾ سُرهاڻ سان ڪيترائي ڪوڙ ڳالهائيندي، مشڪل سان کيس اها تسلي ۽ دلداري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو هئس ته، ” منهنجا حالات اڄ تائين برابر ٺيڪ ڪونه هئا، پر سڀاڻي مڪمل طرح درست ٿي وڃڻ جو پڪو پڪو آسرو اٿم.“
پنهنجون ۽ سُرهاڻ جون جذباتي پريشانيون ياد ڪندي، هتي منهنجي من جي ڦرهيءَ تي سياري جي اها دل چِير رات تري اچي ٿي، جيڪا ڪنهن به طرح ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه هئي. ان رات جڏهن سمورو لوڪ ننڊ جي گهيرٽ ۾ اچي چڪو هو، ۽ سُرهاڻ سندس دل جي گهرايُن مان ڦٽل بي انتها درد کي پنهنجي آواز ۾ اوتيندي، موبائل تي مونکي سنڌ جي سدا حيات شاعر ”شيخ اياز“ جو گيت ”سَکي! پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي....“ ڳائي ٻڌايو هو، ته منهنجو روح بي آب مڇيءَ وانگر تڙپي پيو هو، سيني ۾ ڄڻ ڪنهن بڙڇي وهائي ڪڍي هئي ۽ دل پنهنجي جاءِ تان پٽجي سيني جي قفس ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳي هئي. منهنجو جيءُ اچانڪ جرَ جي ڦوٽي وانگر ڦِسي پيو هو، نيڻ نيسارا ڪري وهي پيا هئا ۽ اندر مان هڪ دردناڪ آههَ ڦاٽُ کائي نڪتي هئي. پوءِ هَنجون هاريندي ڪيتري دير ديوارن سان ٽڪر هڻندو رهيو هئس. انهن غمناڪ لمحن ۾ منهنجي سُرهاڻ ڪهڙين ڪيفيتن مان گذري هئي؟ هِتي اهو بيان ڪرڻ لاءِ نه مون وٽ لفظ آهن نه ئي حوصلو !
•••
سُرهاڻ جي ذات ۾ هڪ بي مثال انفراديت هوندي هئي، جنهن تحت هوءَ هر روز پاڻ به بدلبي رهندي هئي ۽ مونکي به تبديل ٿيڻ لاءِ اتساهي، پنهنجي ۽ منهنجي بي حِسيءَ کي آواز ڏيندي رهندي هئي. هن جِي ڍار ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي هوندي هئي. هوءَ ڪڏهن ته مونکان پل به پري رهي نه سگهندي هئي ۽ ڪڏهن وري مونکي پل ۾ پرائو ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ بادلن وانگر رنگ مٽائيندي دل جي ساز تي نوان نوان ڌڪ هڻندي رهندي هئي. بلڪل شاهه سائين جي هيٺئين بيت وانگر :
ڪڏهين طاقيون ڏين، ڪڏهن کُلن در دوستن جا،
ڪڏهن اچان، اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نِينِ،
ڪڏهن سِڪان سڏَ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين،
اهــــــــــڙا ئـــــي آهـــيـــن، سـڄـڻ منـهنـجا سُپرين.
هوءَ ڪڏهن ته مون کي پنهنجو راز محرم سمجهندي ڏاڍي مشتاقانه انداز ۾ مونسان گهڻيون پرچاڻيون پئي ڪندي هئي، پر ڪڏهن وري بنهه بي مروت ٿي مون کي پنهنجو ڪجهه به مڃڻ کان مُڪري ويندي هئي. ڪڏهن هن جي پيار جِي پالوٽ پالوٽبي هئي ته محبت جا درياءَ وهائي ڇڏيندي هئي، پر ڪڏهن مون پاران "I love u so much." چوڻ يا لکڻ تي پنهنجي موبائل ۾ خاص طور مون لاءِ ”فِيڊ“ ڪري رکيل "I hate you so much" جو ’ايس.ايم.ايس‘ ورائي ورائي مونڏانهن پئي موڪليندي هئي.
هڪ ڀيري خيرپور لڳ ٺيڙهي شهر ۾ ”نيشنل هاءِ وي“ پيدل ڪراس ڪندي، ساڳي وقت موبائل تي سُرهاڻ ڏانهن ”ايس.ايم.ايس“ به لکندو پئي ويس، ته ڀر مان ڪنهن وڏي گاڏيءَ جي حادثاتي بريڪ سبب پيدا ٿيل چرڙاٽن مونکي اوچتو ڇرڪائي وڌو هئو. هوش سنڀالڻ تي پتو پيو هئم ته مون پاران بي ڌياني ۽ لاپرواهيءَ سان روڊ ٽپڻ سبب هڪ ٽرڪ سندس ڊرائيور پاران زور سان ڏنل بريڪ جي باوجود ڏامر سان ٺهيل روڊ تي ليڪا ڪڍندي ذري گهٽ منهنجي سِر تي اچي ڪڙڪي هئي. ٽرڪ جي ڊرائيور ان وقت ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿيندي مونکي انتهائي سُريليون راڳڻيون پئي ٻڌايون. مون اها ڳالهه جڏهن سُرهاڻ سان شيئر ڪئي هئي ته غصي مان هوءَ به مون مٿان باهه ٿي وئي هئي ۽ ٽرڪ جي پٺاڻ ڊرائيور کان به وڌيڪ مند جِي ٻڌائيندي چيو هئائين ته، ”روڊ تي موڳن وانگر نه گهمندو ڪر، خدا عقل ڏنو اٿئي ، سالم دماغ سان اول ساڄي پاسي ۽ پوءِ کاٻي پاسي ڏسي رستو پار ڪندو ڪر.“ هن جي صلواتن سان پنهنجا ڪن ٺارڻ بعد مون کيس حسرت واري انداز مان چيو هو ته، ” جي توڏانهن پيار جو آخري ”ايس.ايم.ايس“ اماڻيندي مونڏانهن موت اچي ها ته مونکي باقي ڇا گهرجي ها؟“ مون پاران ايئن چوڻ تي اوچتو بَن ۾ باهه لڳي وئي هئي، ڄڻ ته ککر ۾ کڙو لڳو هو. پوءِ ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽُ کائيندي سُرهاڻ منهنجي اهڙي ته لاک لاٿي هئي جو ٻڌائڻ ۾ به مونکي هٽڪ محسوس ٿي ٿئي.
•••
سُرهاڻ، جيڪا اڪثر پنهنجي هٺ ڌرميءَ سان منهنجي دل آئيني وانگر ڀور ڀور ڪري ڇڏيندي هئي، هڪ ڏينهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ حڪم ٻڌائي ويٺي هئي ته، ” مان جتي به هوندس اُتي تون نه ايندين، تون ڪڏهن به مونسان ملڻ جي ڪوشش نه ڪندين، مان جنهن راهه تان گذرندس تون اهو رستو مٽائي ويندين. ايتري تائين جو اگر مان تنهنجي شهر ۾ ايندس ته تون پنهنجو شهر ئي ڇڏي ويندين.“ هن جي عدالت پاران مليل فيصلو ٻڌڻ ۽ قبولڻ بعد مون کيس ان ظالماڻي سزا جو سبب سمجهائڻ جيِ استدعا ڪئي هئي، جنهن تي جک کائيندي انتهائي اُڻ تڻ وچان پڇيو هئائين، ”ڇا مرضي اٿئي، سڀني جي سامهون اچي مونسان هٿُ ملائيندين ڇا؟“ سُرهاڻ وٽ پنهنجي سزا جو سبب ڄاڻندي منهنجي منهن مان کِل جو ڦوهارو ڦُٽي پيو هو. مان سڄو پيار ۾ ڀرجي ويو هئس. وڏي مشڪل سان کِل ضبط ڪندي کانئس پڇيو هئم، ”ڇا تون ان ڳوريءَ ڳالهه لاءِ پريشان هئينءَ، منهنجي جان؟!“ موٽ ۾ فرشتن جهڙي سادگي ۽ معصوميت مان هُن ”ها!“ ۾ ورندي ڏني هئي. جنهن تي مون کيس آٿت ڏيندي چيو هو ته، ”پريشان نه ٿي، ڇوته پڙهيا لکيا مرد ۽ عورت پاڻ ۾ هٿ نه ملائيندا آهن، اُهي سکڻو سلام ڪندا آهن. اسان کي به اگر قسمت ملايو ته پري کان هڪ ٻئي کي سلام ذريعي کيڪارينداسين ۽ پوءِ سڀني جي سامهون اکين سان اکيون گفتگو ڪنديون ۽ سوالن، جوابن جا خال اکين جون صدائون پاڻهي پُر ڪري وٺنديون.“
•••
شروع ۾ سُرهاڻ، منهنجا حوصلا پُست ڪرڻ ۽ مونکي پسرائڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن بود ۾ ڀرجي منهنجي جوءِ کي ”ڀاڀي“ ڪوٺيندي هئي، کيس اهڙو موقعو اڪثر تڏهن ملندو هو جڏهن رات جي وقت مان کيس موبائل تي پنهنجي شاعري ڳائي ٻڌائيندو هئس. ان ويل وڏا وڏا چنچل ٽهڪ ڏئي پهريان چوندي هئي، ”بس ڪر، پاڙو اوڙو نه اُٿئي.“ مٿان وري شيطاني ڪندي، ڊيڄارڻ واري انداز ۾ چوندي هئي، ”پٺيان ڀاڀي ٿي اچئي.“
هن جي ان مستيءَ تي مان کيس شعر وسيلي سمجهائيندي چوندو هئس:
سياڻي ٿي او نينگري! ڪر تون ڪين خطا،
عاشق کي ٿي ادا چوين توکي بخشيندو نه خدا.
هوءَ اها ڳالهه اڪثر خوش خلقيءَ سان لنوائي ڇڏيندي هئي ، ۽ اڃا به کينچل کان باز نه ايندي هئي. تڏهن کيس پيار مان دڙڪو ڏيندي چوندوهئس، ” جي ٻيهر اهو لفظ ورجايئي ته ڀاڪي پائيندوسانءِ.“ ان تي هوءَ اڪثر ٽهڪڙو ڏئي نهڪر ڪندي چوندي هئي، ”بس ڪيم، ڪونه ٿي چوان.“ اڳتي هلي ڪنهن موقعي تي کئونس خاطر جي ٻيهر ساڳيو لفظ هٿيار طور هلائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته ”پرل ڊسٽ“ چانهن جي اشتهار ۾ مڙس پاران زال کي چيل جملي، ” تنهنجي ٻانهنِ ۾ پرل جو ڪنگڻُ!“ جي موٽ ۾ زال طرفان ادا ڪيل ڊائلاگ،”اشارو سمجهي ويس، مهمان ٿا اچن.“ واري اسٽائيل ۾ کيس چوندو هئس، ”اشارو سمجهي ويس، ڀاڪيءَ جو موڊ ٿيو اٿئي.“ جنهن تي هوءَ ششدر ٿي موضوع مٽائڻ تي مجبور ٿي پوندي هئي.
هوءَ جڏهن مون سان ڳالهائڻ کان ڦسراٽ ڪندي هئي ته کانئس پڇندو هئس، ”آفيس ۽ فيلڊ ۾ روزانو ڪيترن ماڻهن سان ڳالهائيندي آهين، پنهنجي مٺڙي ماسات لاءِ تو وٽ ٽائيم ئي ڪونهي؟“
مون کي ساڙڻ لاءِ چوندي هئي پنجويهن ٽيهن ماڻهن سان ڳالهائيندي آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جو تعداد سئو به ٿي ويندو آهي.“
مان جڏهن سُرهاڻ کي موبائل تي ”فلائنگ ڪِس“ موڪلي، کانئس ”پهتي، نه پهتي؟“ پڇندو هئس ته هوءَ اڪثر”لعنت بيشمار!“ جو زوردار نعرو لڳائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن موٽ ۾ مان به بنا رک رکاوَ جي کيس چئي ڏيندو هئس ته، ” تون منهنجي زندگي آهين، پر اهڙي زندگيءَ تي لعنت هجي.“
کيس صفا سوڙهو پوندو هئس ته آڪڙ ما ن چوندي هئي، ” بي عزتي ڪندي سانءِ.“
پڇندو هئومانس، ”هونءَ وري ڪهڙي عزت ڪندي آهين؟“
هوءَ جڏهن منهنجي موبائل جو بئلنس بچائڻ لاءِ بار بار ”خدا حافظ“ چئي ڪال ڪٽڻ جي ڪندي هئي ته کيس حڪم واري انداز ۾ “No and Never” چوندو هئس. جنهن تي هوءَ موٽ ۾ “By for ever” جو ورد ورجائيندي چوندي هئي، ”هاڻي هفتو ڪال نه ڪجانءَ، پوءِ مهينو ۽ بعد ۾ سال. تيستائين پاڻهي سڌري ويندين.“
هوءَ جڏهن فيمليءَ ۾ هجڻ سب مونسان نه ڳالهائي سگهندي هئي ته کيس چوندو هئس، ” آواز نٿي ٻڌائي سگهين ته کنگهراٽ ئي ڪري ڏيکار.“ جواب ۾ هوءَ هورڙيان ٻه چار لاڳيتا کنگهراٽ ڪري مون کي کلڻ ۽ خوش ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪندي هئي.
هوءَ جڏهن ڊيوٽيءَ بجاءِ گهر ۾ هوندي هئي ۽ ڪوٺي جي ڇت تي چڙهي، گهر وارن کان چوريءَ مون سان ڳالهائيندي هئي ته ڀئونتري ۾ اڪثر گڏهه جي هينگڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پڇندو هئومانس، ”اهو ڪهڙو راز آهي؟
جواب ۾ ٽهڪ ڏئي چوندي هئي، ” اهو راز نه، اسانجي ڳوٺ جو ٽريڊمارڪ آهي.“
ڪڏهن ڪڏهن انتهائي ويجهڙائپ محسوس ڪندي سُرهاڻ کان پڇندو هئس، ” ڇا توکي لڳي ٿو ته پاڻ رڳو ٻن مهينن جا واقف آهيون؟“
چوندي هئي، ” ها، مان سمجهان ٿي ته منهنجي نمبر تي هاڻي هاڻي رانگ نمبر ڪال ڪئي آهي.“
چوندو هئومانس، ”چري! پاڻ جنم جنم جا ساٿي آهيون. هن کان اڳ اسان عالمِ ارواح ۾ ڪٺي هئاسون.“
منهنجي ان ڳالهه تي تڪڙ ۾ چوندي هئي، ” ڪوڙ نه هڻ...ڪوڙ نه هڻ. مان توکي سڃاڻان ئي ڪونه ٿي.“
جڏهن کيس يقين ڏيارڻ لاءِ هن جو ئي قسم کڻندو هئس ته کلندي چوندي هئي، ”منهنجو قسم نه کڻ، مري نه وڃان.“
مان جڏهن سُرهاڻ کي پنهنجي ڪا ڳالهه مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته چلولائيءَ مان هوءَ مونکي ”بِشني ۽ بي ايمان“ ڪوٺيندي هئي. جڏهن مان ڪنهن معاملي ۾ کانئس کيپ کٽي نه سگهندو هئس ته محبت جي محاذ تي پنهنجا سمورا هٿيار ڦٽا ڪندي کيس نيزاريءَ مان چوندو هئس، ”ڀلو ٿيئي، مونکي ايترو ڪَڪِ نه ڪندي ڪر، ڇوته پوءِ جڏهن تون نه هوندي آهين، تڏهن مان ڏاڍو ڪَڪِ ٿيندو آهيان.“
•••
مان، سُرهاڻ لاءِ پنهنجي اکين ۾ ڪيترائي خواب رچائيندو رهندو هئس، پر هوءَ هميشه منهنجن خوابن تي روڪ وجهي، منهنجي حسرتن کي واريءَ جي دڙن هيٺان دفنائي ڇڏيندي هئي. مان اميدن جا تاج محل ٺاهيندو هئس ۽ هوءَ انهن کي ڊاهي ڇڏيندي هئي. ڪيئن چوان ته ايئن ڪري هوءَ نه رڳو مونکي پر پنهنجو پاڻ کي به ڌوڪو ڏيندي هئي، ڪيئن چوان ته هر دفعي منهنجا خواب ٻُڌڻ بعد بظاهر انهن کي نظر انداز ڪرڻ وقت مونکان وڌيڪ هوءَ پاڻ به ڀوڳيندي هئي، ڪيئن چوان ته هوءَ منهنجي هرخوابَ کي پنهنجي ساهه ۾ سانڀيندي هئي، پر اُنهن خوابن جي ڪنهن به صورت ۾ تعبير نظر نه ايندي ڏسي، انهن تي ڪو نه ڪو ”مارشل لا ريگيوليشن“ لاڳو ڪري ڇڏيندي هئي، ۽ ڪيئن چوان ته مون وانگر هن جي سيني ۾ به آدرشن جا ڪيئي باغ هوندا هئا، پر پنهنجي ٻاهرئين رُعب سان هوءَ هر وقت پنهنجو پاڻ کي اندران ئي اندران ماريندي رهندي هئي.
مان رڳو ايترو ٻڌائي سگهان ٿو ته، گهڻو وقت اڳ مون سُرهاڻ سان پنهنجو هڪ خواب شيئر ڪندي کيس چيو هو ته، ”جي اسان جي نصيب ۾ هڪ ٻئي جو جيون ساٿي ٿيڻ لکيل هجي ها ته پنهنجي رت جي سنجوڳ سان ٻه ٻار پيدا ڪريون ها.“ مٿان مون هن کان سندس خواهش معلوم ڪندي پڇيو هو ته، ” ٻڌاءِ پاڻ انهن جا نانءَ ڪهڙا رکون ها؟“ منهنجي ان سوال تي هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو هو ، ” پُٽ جو تون ٻڌاءِ، ڌيءُ جو مان ٻڌائيندس.“ هن جي اصرار تي ڪجهه پل سوچڻ بعد مون اسان ٻنهي جي پٽَ جو نانءُ ’سرمد‘ تجويز ڪيو هو. ۽ پوءِ جڏهن سُرهاڻ کان خوابن ۾ جنمڻ واري پنهنجي ڌيءُ جي نانءَ بابت راءِ ورتي هئم ته شرم ۽ مرم جي آڙ ۾ هوءَ ڳالهه کي گول مول ڪري وئي هئي.
مٿئين ذڪر کي وساري ڇڏڻ جيترو عرصو گذري وڃڻ بعد هڪ ڏينهن مون سُرهاڻ کي چيو هوته، ” دعا ڪر منهنجي گهر هڪ ننڍڙي بيبي ڄمي ته ان جو نانءُ سُرهاڻ رکان.“ پڇيو هئائين، ”ڇا لاءِ؟!“ کيس جواب ڏيندي چيو هئم ، ” ان لاءِ ته جيئن تنهنجي نانءَ کي ڪڏهن به ڪو مونکان ڌار ڪري نه سگهي.“ منهنجي خواهش ٻڌڻ بعد هن هڪدم وراڻيو هو ته، ” هاڻي بيبي نه هڪ ببلُو گهرجي، سُرهاڻ نه پر سرمد کپي.“ پنهنجي هڪ وساريل خواب جا عڪس سُرهاڻ جي يادن تي ايترا واضح ۽ چٽا ڏسي اُن ڏينهن مونکي تمام گهڻي اچرج سان گڏ پهريون ڀيرو اهو احساس پڻ ٿيو هو ته، منهنجا خواب سُرهاڻ وٽ ڪيترا نه ٿانيڪا آهن!!
•••
مون کي هُونءَ ته سُرهاڻ جي هر صفت، هر ادا پنهنجي ساهه کان وڌيڪ پياري ۽ عزيز هئي، پر سندس ننڊاکڙو آواز منهنجي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندو هو. سُرهاڻ جو ننڊاکڙو آواز ٻڌڻ لاءِ مان روزانو دير تائين جاڳي سموري لوڪ سمهڻ جو انتظار ڪندو هئس. ۽ جڏهن دنيا وارا موت جهڙي ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويندا هئا، تڏهن سُرهاڻ کي به سندس ڪچڙي ننڊ مان جاڳائي سندس صبح جي هير جهڙو سيتل ۽ گهنگهرن جي جهنڪار جهڙو مٺو آواز اڪثر تيستائين ٻڌندو رهندو هئس جيستائين ڪنهن گوريءَ جي چپن تي مرڪ وانگر رات جي مکَ تي باک نه اُڀري ايندي هئي. سُرهاڻ جي آواز ۾ ڪو اهڙو ته اسرار هو جيڪو رات جي پُراسراريءَ کي وڌيڪ پُراسرار بڻائي ڇڏيندو هو. هوءَ جڏهن لفظن جا سُر منهنجي روح ۾ اوتيندي هئي ته منهنجي بند نيڻن ۾ اهي سُر سندس روپ وٺي ڇڏيندا هئا. هڪ رات مون ۽ سُرهاڻ ڀرپاسي ۾ ڪنهن ٻئي جي جاڳي پوڻ جي خوف کان موبائل تي سُرٻاٽن ۾ ڳالهايو پئي ته منهنجي زال اچانڪ منهنجي ”خواب گاهه“ ۾ داخل ٿي مون مٿان ڪامياب ڇاپو هنيو هو. ان رات هن جي آڏي پڇا تي مون کيس پنهنجي ۽ سُرهاڻ جي تعلق متعلق سڀ ڪجهه سچائيءَ سان ٻڌائي پنهنجي ضمير جو بار هلڪو ڪري ڇڏيو هو. منهنجي زال، جيڪا منهنجي ذات جي ذري ذري کان مڪمل طرح واقف آهي، سا چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي ته مون نفس پرستي يا جسماني خواهشن تحت ڪڏهن به ڪنهن سان ڪو تعلق نه رکيو آهي. کيس اها به ڄاڻ آهي ته مان پنهنجي دل ــ ڦينڪ فطرت سبب ازل کان هڪ اهڙو رولاڪ ۽ اڻ ٿانيڪو شخص رهيو آهيان، جيڪو ڪنهن مڻهيار وانگر اکين جي هَڙ ۾ خُوابن جا ڪچ ڪاوا کڻي، پنهنجي سيني ۾ تنهائيءَ جي ڌوڙ اڏاريندي، پاڻ کي وسطي وسطي، نگري نگري، دربدر ۽ جابجاءِ روليندو رهيو آهي، جيڪو رڻ جو راهي ٿي سڄي ڄمار صعوبتون سهندو رهيو آهي، جيڪو پنهنجي وڃايل اڌ جي ڳولا ۾ هوريان هوريان پنهنجو باقي اڌ به وڃائيندو رهيو آهي. هن کي منهنجي ڪردار ۽ منهنجي رومانوي آوارگيءَ تي انڪري به ڀروسو آهي جو هوءَ قديم يونان جي ان ڏند ڪٿا کان ڀليءَ ڀت باخبر آهي، جنهن موجب شروع شروع ۾ زمين تي آباد گستاخ ۽ مغرور مرداڻي مخلوق مٿان ناراض ٿي ”زيوس“ نالي هڪ ديوتا غصي منجهان پنهنجي مخلوق جي هر ماڻهوءَ کي چيري ٻه اڌ ڪري، ٻنهي حصن کي زمين جي سطح مٿان جدا جدا رخن ڏانهن اڇلائي ڇڏيو هو، ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين زمين واسين جو اڌ حصو پنهنجي وڃايل اڌ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو ٿو رهي. انسان ذات جي ان تاريخي الميي کي سچو سمجهڻ واري منهنجي جيون ساٿياڻي ان ڳالهه ۾ به ايمان رکندي آهي ته اڌ انسان جي ٻئي اڌ سان ملڻ جي خواهش، اها ئي شيءِ آهي جنهن کي ماڻهون عورت جي مرد سان ۽ مرد جي عورت سان محبت چون ٿا.
منهنجي ونيءَ پاران اڌ رات جو اوچتو مون مٿان لڳل ڇاپي جي ٻئي ڏينهن مون جڏهن سُرهاڻ کي گذريل رات واري واقعي جي سموري ڪٿا ٻڌائي هئي ته هوءَ تمام گهڻي پريشان ٿي وئي هئي. پنهنجي بدناميءَ کان وڌيڪ منهنجي گهريلو زندگي متاثر ٿيڻ جي ڳڻتي ڪندي پڇيو هئائين ته، ” تو ، هن کي سڀ ڪجهه صاف صاف ڇو ٻڌائي ڇڏيو؟!“ ان وقت کيس جواب ۾ چيو هئم، ”لڪائبا عيب يا گناهه آهن، مان محبت جهڙي فطري ۽ پاڪيزه شيءِ کي لڪائي پنهنجي ڪلهن تي ٻن چهرن جو بارُ کڻي نه پئي سگهيس.“
•••
منڍ ۾ مونکي راههِ راست تي آڻڻ جي جنون ۾ سُرهاڻ هر ٻئي ٽئين ڏينهن مونکان رابطو ڪٽڻ لاءِ حيلا هلائيندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن هن جي نمبر تان آيل ڪال اٽينڊ ڪرڻ تي اڳيان مونکي هڪ اجنبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو هو. جنهن پنهنجي سڃاڻ سُرهاڻ جي ساهيڙيءَ جي حيثيت سان ڪرائيندي، پنهنجو نانءُ ”عائشه“ ٻڌايو هو. روايتي عليڪ سليڪ ڪرڻ کانپوءِ عائشه به مونکي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته مان سُرهاڻ کي وساري پنهنجي ٻچن ٻارن تي توجهه ڏيان. عائشه مون تي زور ڀريندي اهو پڻ چيو هو ته، ”سُرهاڻ، توهان جي ڪري پريشان ٿي رهي، توهان ساڻس گهٽ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو.“
موٽ ۾ مون عائشه کي چيو هو ته، ” سُرهاڻ کي وساري ڇڏڻ ته مون لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ڪونهي، البته توهان جي چوڻ تي اڄ کان پوءِ مان هن سان رابطو ڪونه ڪندس.“
عائشه کان موڪلائڻ بعد مون ڏک ۽ ڏوراپي واري ڪيفيت مان سُرهاڻ کي ”ايس.ايم.ايس“ روانو ڪندي لکيو هو ته، ” جي توکي مون مان جان ڇڏائڻ جو ايترو ئي شوق هيو ته سڌو چوين ها. ڪنهن ٻئي کي وچ ۾ گهلي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟!“ مون وڌيڪ کيس آٿت ڏيندي لکيو هو ته، ” دلجاءِ ڪر. مان تنهنجي راهه جو روڙو نه هن وقت آهيان، نه اڳتي ئي ٿيندس. تنهنجي پنهنجي راهه آهي ۽ منهنجي پنهنجي ڊگر. تون اڄ به ڪنهن ڪڪر وانگر آزاد آهين، تنهنجا پنهنجا گس، گهيڙ ۽ گام آهن. مان رُڃ پانڌي آهيان، مون کي پنهنجي اکٽُ پنڌ تي سانده سفر ڪرڻو آهي. يقين ڪر توکي پريشان ڪري مان پاڻ کي لوئي ۽ لُٻي رهيو آهيان. پر تون ئي ٻڌاءِ مان به ڇا ڪريان ها. آخر مان حقيقت کان به ته منهن موڙي نٿي سگهيس.اصل ۾ منهنجي زندگي ڏاڍي عجيب گذري آهي. هيل تائين مان مٽيءَ جي رانديڪي وانگر مختلف هٿن ۾ ڀرندو رهيو آهيان، جنهنڪري مونکي منهنجي حياتيءَ جو گهڻو حصو پنهنجي وجود جي منتشرحصن کي ميڙيندي گذريو آهي. مان ازل کان ڏاڍو گهايل ۽ نديءَ ڪناري به هميشه اڃايل رهيو آهيان. اڳ منهنجو من محرومين جو اهڙو بيابان هيو جنهن ۾ هر طرف پياسن وڻن جا ذخيرا هئا جن مان سدائين غم جا پن پيا ڇڻندا هئا، پر جڏهن کان تو دل جي ويران بيابان ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان اهو ڪنهن ڦلواڙيءَ جيان مهڪي پيو آهي. مُدتن پڄاڻان تنهنجي دلبهار شخصيت آڏو اچڻ سبب خزائن ۾ سڙيل منهنجي وجود جي وڻ تي اوچتو نه رڳو نوان گونچ ڦٽي پيا آهن. پر، تنهنجي پيار اُن جو دامن گلن سان به ڀري ڇڏيو آهي. پنهنجي دل ۾ تنهنجي چاهت جي ڦهلاءَ سان گڏ مون پنهنجي اندر ۾ هڪ خوبصورت احساس پاتو آهي. هڪ اهڙو ته سندر احساس جنهن لاءِ تون سوچي به نٿي سگهين. تون منهنجي ڪري ٿوري به پريشان رهين اهو مان ڪنهن به صورت ۾ نه چاهيندس. تنهنجو جيون سُک شانتيءَ سان هلندو رهي، تنهنجي هر خواهش پوري ٿئي، اها منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي اِڇا آهي. ۽ تون ته ڄاڻين ٿي ته منهنجي زندگي اصل ۾ ڪير آهي؟!“ وڌيڪ مون سُرهاڻ کي پنهنجي طرفان ساڻس هميشه لاءِ رابطو ڪٽڻ جو يقين ڏياريندي، آخر ۾ اهو پڻ لکيو هو ته، ”تنهنجو مانُ سنمانُ مونکي پنهنجي زندگيءَ کان به وڌيڪ عزيز آهي. تنهنڪري تنهنجي آشا موجب مون تنهجي حياتيءَ مان تڙجي وڃڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ورتو آهي. اڄ کانپوءِ جيئن توسان ڪو رابطو ڪري نه سگهان، ان لاءِ مان اڄ جو اڄ پنهنجو موبائل سيٽُ ئي کپائي ڇڏيندس. خدا هميشه توکي پنهنجي امانَ ۽ تنهنجي معصوم جوانيءَ جي پناهه ۾ رکي. چـڱو، هميشه لاءِ موڪلاڻي!“
منهنجو اهڙو سنيهو ملندي ئي سُرهاڻ جا ڄڻ حوصلا ئي بي ساخته ٿي ويا هئا. هن ميسيج مٿان ميسيج پئي موڪليو ته، ” پليز! موبائل سيٽ نه کپائجان.“ موٽ ۾ نيٺ کيس لکيو هئم ته، ” مان پنهنجو موبائل ڪونه ٿو کپايان، پر اهو هاڻي جو هاڻي خيرپور جي ”ميرواهه“ ۾ وڃي ٿو اڇلايان. ڇوته جيڪو موبائل اڄ تائين تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ رابطي جو ذريعو رهيو آهي، مان اهو ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ ڏئي يا ڏسي ڪونه سگهندس.“
منهنجي ان ”ايس.ايم.ايس“ کانپوءِ سُرهاڻ هڪ سيڪنڊ به ترسي ڪونه سگهي هئي ۽ فورن مونڏانهن ڪال ڪئي هئائين. مان ڪيتري دير تائين سندس ڪال وصول ڪرڻ کان نٽائيندو رهيو هئس، پر هن پاران لڳاتار وري وري ڪال ڪرڻ تي نيٺ سندس ڪال اٽينڊ ڪرڻي پئي هئم. ماحول جي سنجيدگيءَ کي تيلي ڏيڻ خاطر هن نهايت ميسوڻي انداز ۽ اجهاڻل آواز ۾ چيو هو، ” ماسات! ايڏا ڏُک ڏيندين ني...؟!“ مونکي منٿ ڪندي وڌيڪ چيو هئائين، ” پليز! موبائل واهه ۾ نه اڇلائجانءِ.“ سُرهاڻ پاران ڪيترو ليلائڻ بعد به جڏهن مون هن ۽ پنهنجي وچ جو رابطو ختم ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي موبائل مان جانِ ڇڏائڻ جوحتمي فيصلو ٻڌايو هو ، ته هوءَ هڪدم باهه وانگر ڀڙڪي پئي هئي. جک کائيندي، کهري ۽ ڪڙڪيدار لهجي ۾ ڌمڪي ڏيندي چيو هئائين، ” تو وٽ جيڪو موبائل آهي، اهو تنهنجو نه منهنجو آهي. توکي ان جي حفاظت ڪرڻي آهي، جي منهنجي موبائل سان ڪا حرڪت ٿي ته پنهنجو خير نه ڀانئجانءِ.“
ان ڏينهن سُرهاڻ جي حڪم تي مون پنهنجو موبائل فون ”ميرواهه“ حوالي ڪرڻ وارو ارادو ته ترڪ ڪري ڇڏيو هو، البته سندس پاران مليل صدمي جِي موٽ ۾ پنهنجي من جي ڪيفيت اظهارڻ خاطر ساڳئي ڏينهن هِي غزل تخليق ڪري، کيس ’ايس.ايم.ايس‘ ذريعي اماڻيو هئم:
تنهنجي صدمن کي کڻي ساڻ، هليا وينداسين،
غم نه ڪر ڄاڻ، اسان ڄاڻ، هليا وينداسين.
اسان ته سُور به تنهنجو سُرور سمجهون ٿا،
درد ڏئي تون ئي خوشيون ماڻ، هليا وينداسين.
ڏنيون ٿئي کوڙ مگر پوءِ به تَسليءَ خاطر،
اذيتون آڻ، اڃا آڻ، هليا وينداسين.
نٿي جي ٻاجهه جي لائق اسان کي ڀائين تون،
نفرتون تاڻِ، ڀلي تاڻِ، هليا وينداسين.
ڌڪار تنهنجي کي آخر اسان به پرکيو آ،
نه آهيون ايترا اڻڄاڻ، هليا وينداسين.
چوين ٿي تنهنجي حياتي مان صفا تَڙجِي وڃون،
اسان جي روح جي سُرهاڻ، هليا وينداسين.
•••
مونکي جڏهن به سُرهاڻ جي طرف کان ڪو صدمو رسندو هو، ته درد کان فرار خاطرسگريٽن جو واهپو وڌائي ڇڏيندو هئس. سُرهاڻ سان فون تي ڳالهائڻ دوران جڏهن به سگريٽ منهنجي هٿ ۾ هوندو هو ته هوءَ هميشه محسوس ڪري وٺندي هئي، ۽ رڙ ڪندي چوندي هئي ، ” پهريان هٿ مان سگريٽ ڦِٽو ڪر پوءِ مونسان ڳالهاءِ.“ مان پيار ۾ هڪ ننڍڙي خيانت ڪندي اڪثر سندس اندازي جي ترديد ڪري ڇڏيندو هئس. منهنجي لنوائڻ تي انتهائي اعتماد سان چوندي هئي، ”ڇا ٿو سمجهين، مان توکي نٿي ڏسان.“ پنهنجي ڳالهه کي وزن تي آڻڻ لاءِ وڌيڪ چوندي هئي، ” مان توسان گڏ گڏ آهيان ۽ تنهنجي هر حرڪت تي نظر ٿي رکان.“ هن جي اهڙي پڪڙ تي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ مان يا ته سگريٽ هٿ مان اڇلائي ڇڏيندو هئس يا اڃا به مڙسيءَ سان پِڙُ جهلي ڪوڙ تي سندرو ٻڌي بيهندو هئس. پر، ڪڏهن ڪڏهن گفتگوءَ دوران سگريٽ جي دونهين سبب اگر اتفاق سان کنگهه اچي ورائيندي هئم ته وڌيڪ لِڪُ لِڪي نه سگهندو هو. جڏهن مان اوچتو زور سان کنگهندو هئس ته منهنجي بدران ساڻِي سُرهاڻ ٿي پوندي هئي. اهڙن موقعن تي پهر بي پهر جو خيال نه ڪندي ، سِرُ وڃڻ واري ڪيفيت مان چوندي هئي، ” هاڻي جو هاڻي ڊاڪٽر ڏانهن وڃ.“ مان اڪثر کيس اهو چئي ٽاري ڇڏيندو هئس ته، ”منهنجي اصل درد جي دوا تو وٽ آهي، باقي هي معمولي درد پاڻهي ڇڏي ويندا.“ منهنجي ضد کي ڏسندي نيٺ هوءَ استدعا واري لهجي ۾ پڇندي هئي، ”ڇا تون منهنجي چوڻ تي سگريٽ به ڇڏي نٿو سگهين؟!“ جواب ۾ کيس چوندو هئم، ”جيئن تون منهنجي جذباتي رفيق آهين تيئن سگريٽ به منهنجي حياتيءَ جو هڪ ننڍڙو ذهني رفيق آهي. جيڪو تنها لمحن ۾ مونکي ڪنهن جي هجڻ جو احساس ڏياريندو رهندو آهي. ان جي بدولت مان پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪندو آهيان. بلڪه هو خود زندگي آهي، جنهن جو هڪ ڇيڙو زندگيءَ وانگر هوريان هوريان ٻرندو ۽ ٻيو موت جي منهن ۾ هوندو آهي. هُو منهنجي هر ساهه سان گڏ مرندو ۽ جيئندو آهي. خود ڇار ٿي ويندو آهي، پر منهنجي منتشر خيالن کي هڪ نقطي تي سميٽي ڇڏيندو آهي. سگريٽ جي مدد سان مان ڪجهه اهڙا راز سمجهي وٺندو آهيان جن کان پوءِ ڪجهه به سمجهڻ جي ضرورت ئي باقي نه رهندي آهي.“ هن جي اجائي اُڻ تڻ دور ڪرڻ لاءِ وڌيڪ کيس اهو سمجهائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو هئس ته، ” جيڪي ماڻهو سگريٽ نه پيئندا آهن، اهي ڪهڙو خضر جيتري حياتي جيئندا آهن؟! دنيا جي هر بشر پاران موت کي ڪو نه ڪو بهانو ته ڏيڻو آهي. پوءِ ڇونه اهو بهانو سگريٽ جو هجي؟!“
مونکان سگريٽ ڇڏائڻ جي حوالي سان مون مان مايوس ٿيڻ بعد سُرهاڻ اڪثر ذاتي زندگيءَ ۾ مونسان ويجهڙائپ رکندڙ منهنجي شاعر دوست ”آزاد انصاري“ سان منهنجون شڪايتون ڪندي، کيس مونکي سڌارڻ ۽ مونکان سگريٽ جي عادت پلائڻ لاءِ منٿَ ميڙ ڪندي هئي. هڪ ڀيري جڏهن هن آزاد جي معرفت اهڙي ڪوشش ڪري ڏٺي هئي، ته آزاد پنهنجا پاند آجا ڪرڻ خاطر پاڻ کي هن اڳيان سڌريل ۽ سعادتمند ثابت ڪندي کيس فخر مان ٻڌايو هو ته، سندس محبوبا رڳو هڪڙو ڀيرو کيس سگريٽ ڇڏڻ لاءِ چيو هو ته هن وري اڄ تائين اهو چپن تي نه آندو آهي. آزاد جِي اهڙي دعويٰ ٻڌڻ بعد سُرهاڻ ته يقينن کيس نيڪ حلت واري زندگي گذاريندڙ هڪ بي حد معتبر ۽ مهذب نوجوان تصور ڪيو هوندو، پر اهو مان ئي ڄاڻان ٿو ته جنهن پل آزاد سندس محبوبا جي هڪڙي اشاري تي سگريٽ جهڙي باوفا ساٿيءَ سان بيوفائي ڪرڻ جهڙي ڏوهه جو اعتراف ڪندي، پاڻ کي هڪ تابعدار عاشق ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ، ان وقت به هن جي ٻن آڱرين وچ ۾ پنواڙيءَ جي مانڊڻيءَ تان ورتل هڪ سگريٽُ سڙي رهيو هو.
•••
مان، سال 2007ع جو Valentine day پنهنجي يادن مان ڪڏهن به ميساري ڪونه سگهندس، جڏهن مون پنهنجي جذبن جي مهڪ ۽ چاهت جي ڌنڪ سان گڏ سُرهاڻ کي پنهنجي پيار جي پهرين گفٽِ اماڻي، کيس اهو ٻڌايو هو ته، ” تون منهنجي چاهت، منهنجي آرزو آهين، تون منهنجي محبت ۽ منهنجي ضرورت آهين. تون منهنجي چپن جِي وڃايل مُرڪ ۽ منهنجي من جي شانتيءَ جو آدرش آهين.“ گفٽ سان گڏ اماڻيل ڪارڊ تي مون کيس اهو به لکيو هو ته، ”مڃان ٿو مان قصن جي شهزادن جهڙو ناهيان. مان خوابَ ڏسندڙ ۽ خواب لکندڙ هڪ ننڍڙو ليکڪ آهيان، پر مان توسان محبت ڪريان ٿو. جيڪر تون منهنجي محبت قبول ڪرين ته مان توکي خوش رکڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون صرف ڪري ڇڏيندس.“
اهو 13 فيبروريءَ جو ڏينهن هيو، جڏهن سُرهاڻ لاڙڪاڻي جي ”رابيل ڪتاب گهر“ تان ماهوار ”نئين زندگي“ جو تنِ ڏينهنِ ۾ تازو شايع ٿيل شمارو (جنهن ۾ منهنجو پروفائيل شايع ٿيو هو.) جاچي رهي هئي. ڪتاب گهرتان رسالو ۽ منهنجا شايع ٿيل ڪتاب نه ملڻ تي هن اتي بيٺي ئي مون ڏانهن فون ڪري ٻڌايو هو ته، ” نئين زندگيءَ جو تازو شمارو ۽ تنهنجا ڪتاب هتان ختم ٿي چڪا آهن، تنهنڪري اڻلڀ آهن.“ مون کيس چيو هو، ” پريشان نه ٿي ۽ پنهنجي پوسٽل ايڊريس ٻڌاءِ ته هتان مان ٿو موڪليانءِ.“
سُرهاڻ کان سندس مڪمل پتو وٺڻ بعد مونکي اچانڪ ياد آيو هو ته سڀاڻي Valentine day به آهي. ذهن ۾ اهو خيال ايندي ئي مان رسالو ”نئين زندگي“ ۽ پنهنجي شايع ٿيل سمورن ڪتابن جو سيٽُ کڻي تڪڙو تڪڙو شهر پهتو هئس، جتان ڪنهن خواب جهڙو دلڪش ۽ ڪرڻن جهڙو روشن شيشي جو هڪ ننڍڙو خوبصورت شوپيس خريد ڪيو هئم. جنهن ۾ پاڻيءَ اندر ”شاهجهان“ پاران سندس محبوبا ”ممتاز بيگم“ جي ياد ۾ ٺهرايل ’تاج محل‘ جو منُ موهيندڙ ماڊل موجود هو. ننڍڙو دلڪش ”تاج محل“ هڪ رنگين خوبصورت گفٽ پيڪ ۾ محفوظ ڪرائڻ بعد TCS آفيس پهتو هئس، جتي TCS وارن انتهائي نفاست ۽ پيار سان پيڪ ڪرايل منهنجو اهو ”گفٽ پيڪ“ سيڪيورٽي چيڪنگ واسطي کولي ڏسڻ لاءِ ضد ڪيو هو. گفٽ پيڪ کي کلڻ کان بچائڻ لاءِ مون کين هر طرح سان مطمعن ڪرڻ ۽ سيڪيورٽيءَ جي ضمانت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، کين هزار آزيون نيازيون ڪيون هئم، پر پوءِ به هو پيڪٽ کولڻ کان نه مڙيا هئا. مٿان وري ظلم اهو ته پيڪٽ کولڻ بعد ”هن ۾ شيشي جو نازڪ شوپيس آهي، جيڪو رستي ۾ ٽُٽي پوندو.“ چئي، هنن مورڳو اهو پيڪٽ موڪلڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. جنهن تي مون کين Extra charges ادا ڪري کانئن اهو پيڪٽ اجتماعي ٽپال جي ٻوري ۾ وجهي موڪلڻ بجاءِ جداگانه طور هٿون هٿ پهچائڻ جي ذميواري ورتي هئي. جنهن بعد ٻئي ڏينهن، يعني Valentine day تي اهو ساڳيو پيڪٽ سُرهاڻ تائين باحفاظت پهتو هو.
14 فيبروريءَ جي صبح جو مون سُرهاڻ کي Valentine day وِش ڪيو هو. ان ڏينهن اسان معمول کان وڌيڪ وقت پاڻ ۾ فون تي ڪچهريون ڪيون هيون. ان ڏينهن مون سُرهاڻ کي پنهنجي پيار جي پهرين نشاني ”تاج محل“ کي هميشه ساهه سان سانڍي رکڻ جي پارت ڪئي هئي. ان ڏينهن سُرهاڻ ”تاج محل“ کان علاوه مون پاران Valentine day جي حوالي سان اماڻيل ”ڪارڊ“ جي خوبصورتي ۽ ان تي لکيل منهنجي تحريرکي به ڪافي ساراهيو هو. ان ڏينهن مون پنهنجي شهر جي گلستان جهڙي علائقي ”وانڍ“ وڃي، اتي پوکيل گلابن جي پوک منجهان سُرهاڻ جي نالي جا گُلاب پٽيا هئا. جيڪي بعد ۾ گهر آڻي، سُرهاڻ جي محبت سان منسوب ڪري، انهن جون پتيون پنهنجي الماڙيءَ ۾ رکيل ڪتابن وچ ۾ وجهي رکيون هئم.
•••
وساري ته ڪڏهن مان پهرين اپريل 2007ع جي تاريخ به ڪونه سگهندس. ان ڏهاڙي سنجها ويل مان ۽ نوجوان شاعر آزاد انصاري خيرپور ۾ ”ميرواهه“ جي ڪناري سان ”وڪٽر پبلڪ اسڪول“ جي ڀڪَ ۾ ڌاٻي ٽائيپ ٺهيل هوٽل تي ويٺا هئاسون، جيڪو رات جي پهرئين پهر اڪثر اسان جو ٿاڪ هوندو هو، جتي اسان دوستاڻي چانهه واري ڪچهري ڪندا هئاسين. پريان فطرت ۽ سونهن جي شاعر تنوير عباسيءَ جو اڳوڻو آستانو ”سرمد جو گهر“ نظر اچي رهيو هو ۽ سامهون صاف سٿري آسمان تي ستارن جي وڳر ۾ چنڊ پنهنجي مڪمل آب تاب سان چمڪي رهيو هو. چنڊ جي نرم دلگير روشنيءَ ڏانهن ڏسي منهنجي ذهن تي هڪدم لطيف سرڪار جو هِي شعر تري آيو هو:
تون چنڊ اهوئي جو هُتِ پسين پرينءَ کي،
آڏت چئج ان کي ڏيان جو روئي،
هيڪانديءَ هوئي، سانگ م پوي سڄڻين!
آسمان تي ڦهليل چنڊ جي سيتل ڪرڻن سان گڏ مون تي سُرهاڻ جون سارون به تيرن جيان برسي رهيون هيون. منهنجي ساهه سُرهاڻ کي اهڙو ته ساريو هو جو منهنجي احساسن جي سمنڊ ۾ بي چينيءَ جو هڪ طوفان برپا ٿي پيو هو، ان پل چنڊ ۽ ستارن جي ڇٽَ ڏانهن ڏسندي سوچيو هئم ته، ”سُرهاڻ ۽ منهنجي وچ ۾ جدائي ڇو آهي؟!“ سُرهاڻ جي دوريءَ متعلق سوچيندي شاهه سائين جو هيٺيون بيت منهنجي دل ۾ لوهه جي ڪليءَ وانگر کُپي ويو هو:
هينئڙي سڄڻ ساريا، ڪٿي هوندمِ هير؟
اچي لالڻ! نه ڏئين، مٿي پلنگن پير؟
ٿي وِرونهنِ وير، ڳُجهه ڳَرهِيان ڪن سين؟
انهن لمحن ۾ سُرهاڻ ڏانهن ’ايس.ايم.ايس‘ ذريعي سنيهو اماڻيو هئم ته، ”جتي به هجين، چنڊ جي مدِ مقابل ٿي بيهه، مان به ساڳي چنڊ جي سامهون آهيان ۽ چنڊکان تنهنجو احوال وٺڻ ٿو چاهيان.“
ويرم گذري هئي ته مونکي سُرهاڻ طرفان منهنجي سنيهي جو جواب پهتو هو. لکيو هئائين، ”مان قاسم آباد، حيدر آباد ۾ آهيان. شهر رنگ برنگي بتينِ سان روشن آهي. هتي مئل سرير ۾ ساهه وجهڻ جهڙيون جادوگر هوائون گُهلي رهيون آهن. مان چنڊ سان مُنهان مُنهن ٿي بيٺي آهيان ۽ چنڊ مونڏانهن ڏاڍي پيار مان ڏسي رهيو آهي.“
سُرهاڻ جو سنيهو پڙهي مان هڪ اهڙي رنگين خيال ۾ وڃائجي ويو هئس، جنهن کي هڪ حسين خواب يا هڪ خوبصورت تصور ئي چئي سگهجي ٿو. ان سمئه مون ڏکڻ، اولهه ڪنڊ تي بيٺل هڪ ستاري ڏانهن حسرت ڀريل نهار سان نهاريندي، ڀٽائيءَ جي ئي هڪ خوبصورت تخيل کي پنهنجي احساسن جي زبان بڻائي دل ئي دل ۾ کيس چيو هو ته:
توڏانهن گهڻو نهاريان، تارا! تيلاهِين،
سڄڻ جيڏاهين، تون تيڏاهِين اُڀرين.
مان اڃا سُرهاڻ جي آخري ”ايس.ايم.ايس“ ۾ محو هئس ته مون وٽ هن جو هڪ ٻيو ”ميسيج“ به اچي پهتو هو، جنهن ۾ پنهنجي اماڻيل اڳوڻي سنيهي سان سلسلو جوڙيندي لکيو هئائين، ”چنڊ ڇو نه مونڏانهن پيار مان نهاري، هُو ڪو مونکان وڌيڪ خوبصورت آهي ڇا؟“
سُرهاڻ پاران موڪليل سندس پويون ”ايس.ايم.ايس“ پڙهندي ئي منهنجي روح به هن جي حسن جي صداقت جو ”اشهد ڪلمو“ پڙهيو هو ۽ مونکي پنهنجي ئي سيني مان هڪ سرد آهه سان گڏ ڀلاري ڀٽَ ڌڻيءَ جي هيٺئين بيت جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو هو:
چوڏهينءَ چنڊ تون اڀرين، سهسين ڪرين سينگار،
پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلا ڪرين هزار،
جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.
سُرهاڻ کي سندس ”ايس.ايم.ايس“ جي جواب ۾ لکيو هئم ته، ”بلاشڪ چنڊ توکان وڌ حَسين ڪونه هوندو. اهو توکان وڌيڪ خوبصورت ٿي ئي نٿو سگهي، تنهنڪري خيال رکجانءِ ته تنهنجي حسن ۽ جمال جو تابُ نه سهندي ڪٿي ويچارو چنڊُ پُرزا پُرزا ٿي نه پوي.“
مون پاران ”ايس.ايم.ايس“ موڪلڻ بعد جهٽ پلڪ ۾ مونڏانهن سُرهاڻ جو هڪ نئون ”ميسيج“ آيو هو، جنهن ۾ لکيو هئائين، ”منهنجي هڪ ڳالهه تي يقين ڪندين؟ مان هن وقت تنهنجي شهر ۾ پنهنجي عزيزن جي هڪ فيمليءَ سان لقمان ڦاٽڪ لڳ ريلوي اسٽيشن جي پُل مٿان موجود آهيان. ڇا تون مون سان ملڻ اچي سگهندين؟“
سُرهاڻ جو مٿيون ’ميسيج‘ پڙهندي ئي جيتوڻيڪ منهنجي ذهن ۾ ’پهرين اپريل‘ جو جهٽڪو واهولي جي ڌڪ وانگر لڳو هو، پر جيئن ته مان عشق کي پنهنجو امام مڃيندڙ انهن پوئلڳن مان آهيان جيڪي دماغ جي سڀني مشورن کي ٿُڏي هر حال ۽ هر صورت ۾ دل جو ڏيکاريل دڳُ ئي وٺنداآهن، تنهنڪري مون ساڳي سمئه سُرهاڻ کي جواب اماڻيندي مختصر لفظن ۾ رڳو ايترو لکيو هو ته، ” اجهو ٿو اچان منهنجي جان!“
سُرهاڻ ڏانهن جواب اماڻيندي مان امالڪ نيزي جيان اُڀو ٿي بيٺو هئس. مون پاران کٽ تان ايئن اٻهرائپ مان اٿڻ تي آزاد منهنجي ويڻي جهليندي، مونکي واپس ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهو سمجهائڻ لاءِ ته، ”اڄ جُٺِ جو عالمي ڏهاڙو، يعني پهرين اپريل آهي، تنهنڪري مان جذباتيت کان ڪم نه وٺان.“ پر، مون ، آزاد جي ڳالهه سمجهڻ بجاءِ وري به کانئس پنهنجي ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن پوءِ به آزاد منهنجا پير نااُميديءَ جي زنجير سان ٻڌڻ چاهيا هئا ته مان پنهنجي سمڪ وڃائيندي ايترو ته جذباتي ٿي ويو هئس جو آزاد کان ٻانهن ڇڏائڻ لاءِ ذري گهٽ کيس لنوڻي ڦير لپاٽَ وهائي ڪڍي هئم. ان وقت منهنجي ڪيفيت جو ڪاٿو لڳائيندي آزاد منهنجي ٻانهن مان هٿُ ڪڍي پاڻ به منهنجي پويان لڳي پيو هو. ايتري ۾ مونڏانهن سُرهاڻ جو هڪ نئون ”ايس.ايم.ايس“ پهتو هو جنهن ۾ لکيو هئائين، "1stApril" هن جو ”ايس.ايم.ايس“ پڙهي مون کيس لکيو هو، ”ڪجهه به هجي، مان پنجن منٽن ۾ ريلوي اسٽيشن تي پهچان پيو.“
آزاد ۽ مان روڊ تان رڪشا پڪڙي اسٽيشن ڏانهن روانا ٿي چڪا هئاسين. ان دوران سُرهاڻ مونکي سمجهائي واپس ڪرڻ لاءِ مونڏانهن ڪيترائي ”ايس.ايم.ايس“ روانا ڪري چڪي هئي. جيئن ته سُرهاڻ موجب فيمليءَ ۾ هجڻ سبب هوءَ مون سان فون تي ڳالهائي نه پئي سگهي، تنهنڪري اسان جي وچ ۾ رابطو ”ايس.ايم.ايس“ ذريعي ئي ٿي رهيو هو.
آزاد ۽ سُرهاڻ پاران ڪيترو ئي سمجهائڻ باوجود پنهنجي چري دل جي چوڻ تي نيٺ مان خيرپور ريلوي اسٽيشن تي پهچي چڪو هئس. اسٽيشن جي پُل مٿان ڪا به فيملي نظر نه اچي رهي هئي، اتي رڳو ڪجهه مرد موجود هئا. پُل جو چپو چپو جاچڻ بعد مان ۽ آزاد مايوسيءَ جي عالم ۾ هڪ ڪمزور اميد جو دامن پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي واپس اسٽيشن جي پليٽ فارم تي لهي آيا هئاسون، جتي ڪنهن ٽرين جو وقت هجڻ سبب مسافرن جي وڏي رش موجود هئي، اسان ماڻهن جي ايڏي وڏي ڀِيڙَ ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل انسان کي ڳولڻ جو عذاب ڀوڳي رهيا هئاسون. منهنجون نظرون اسٽيشن تي موجود هر نوجوان ناريءَ ۾ پنهنجي سُرهاڻ کي تلاشي رهيون هيون، انهن لمحن دوران منهنجي من تي اچانڪ پنجابي جو هِي ”ماهيو“ تري آيو هو:
انجڻِين دا دهون ماهيا،
ڊبا ڊبا ويکيا مين، نهين لبدا هين تون ماهيا!
مٿيون ”ماهيو“ مون ڪجهه سال اڳ سياري جي هڪ سرد رات جي پڇاڙڪي پهر ۾ هڪ پوڙهي حماليءَ کي سندس درديلي آواز ۾ ساڳي اسٽيشن جي ساڳوڻي پليٽ فارم تي ڳائيندي ٻڌو هو. پوڙهي قُوليءَ جي پُرسوز آواز ۾ اهو ”ماهيو“ ٻڌي منهنجي دل جون ڪنگريون ته ان رات به ڪريون هيون، پر سُرهاڻ کي ڳولڻ دوران ساڳيو ”ماهيو“ ياد اچڻ تي منهنجي من ۾ جيڪا هُوڪ اُٿي هئي ان کي هتي مان ڪوبه نانءُ ڏئي نٿو سگهان.
اسان جي ڳولا جو سلسلو اڃا جاري ئي هو ته اوچتو منهنجي موبائل جي گهنٽي وڳي هئي، اسڪرين تي سُرهاڻ جو نانءُ ڏسندي جلدي ڪال اٽينڊ ڪئي هئم. اڳيان ڪنهن اڪيلائيءَ واري ڪنڊ مان پريشانيءَ واري عالم ۽ انتهائي جهيڻي آواز ۾ ڳالهائيندي سُرهاڻ پڇيو هو ته، ”ڪٿي آهين؟!“ چيو هئم، ”خيرپور ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي توکي ڳولي رهيو آهيان.“ هن وڌيڪ پريشاني ۽ شرمندگيءَ مان چيو هو، ”پر مان ته حيدرآباد ۾ آهيان.“ موٽ ۾ مون هڪ اونهون ۽ درد کي هلڪو ڪندڙ ساهه کڻندي کيس وراڻيو هو ته، ” مان تنهنجي ان ڳالهه تي به توڪل ٿو ڪريان، ڇوته مونکي توتي ۽ تنهنجي پيار تي ڀرپور ڀروسو آهي.“ منهنجي اهڙي جواب تي سُرهاڻ اوچتو سُڏڪي پئي هئي، پنهنجي آواز کي گهُٽيندي چيو هئائين، ” نه ڪر مون تي ايڏو انڌو اعتماد.“ پوءِ روئندي روئندي انگريزن جو ايجاد ڪيل لفظ "Sorry" الائي ته ڪيترا دفعا ورجائيندي رهي هئي.
ساڳي رات سُرهاڻ کان موڪلائڻ بعد مون دير تائين آزاد ۽ پوءِ ”چنڊ“ سان رهاڻيون ڪيون هيون. ان رات چنڊ ۽ سُرهاڻ متعلق مون هِي غزل لکيو هو:
هڪ گهڙيءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو،
خودڪشيءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
اوچتو توتي نظر پئجي ويس،
پوءِ صديءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
تون سندس سامهون وڃي بيٺينءَ جڏهن،
عاشقيءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
تنهنجي نيڻن ۾ مَٽيون مڌ جون ڏسي،
مئڪشيءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
تون سراپا شاعري آهين سَکي،
شاعريءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
تنهنجي رخسارن تي وارَن چڳَ جيان،
هڪ چُميءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
پاڻ کان سُندر ٿي ڄاتئين جو سندءِ،
دوستيءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
هر هميشه لاءِ مون وانگر سندءِ،
بندگيءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
مون کان منهنجي سوچ اوڌر تي وٺي،
تو چَريءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.
۽ جڏهن هُن کان تو ”مظهر“ جو پڇيو،
دل دُکيءَ لئه چنڊ سوچيندو رهيو.

Saturday, October 2, 2010
خوابن جو سفر
محبت هڪ نفيس ۽ حُسناڪ جذبو آهي. عشق جبلن جي چوٽِيءَ تي پوندڙ پڇم جهڙي برف جو نالو آهي. محبت هڪ ستم آهي، آڳ آهي، جنت آهي، دوزخ آهي، جتي خوشي، درد، اُداسي، ۽ پڇتاءُ رهندا آهن. جڳ مشهور ڏاهي ۽ مفڪر ”رجنيش اوشو“ محبت متعلق پنهنجو فلسفو بيان ڪندي هڪ هنڌ محبت کي اها روحاني آرسي قرار ڏنو آهي جيڪا انسان کي منَ جي مسافت لاءِ تيار ڪري، کيس سندس اصل چهرو ڏيکارڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. هن چيو آهي ته، ” محبت توهان کي مڪمل ڪري ٿي، ٻي صورت ۾ توهان فقط هڪ خيال ۽ خُواب هجو ٿا.“ هڪ ٻئي ڏاهي ”محبت“ کي روشنيءَ جو هڪ اهڙو لفظ به ڪوٺيو آهي جنهن کي روشن هٿن سان روشنيءَ جي ڪاغذ تي لکيو ويو آهي.
جيتوڻيڪ زندگيءَ جي سمورن اسرارن مان رڳو ”محبت“ ئي اهو اسرار آهي، جنهن ۾ روحانيت جي چاشني ۽ سرور هجي ٿو، ان جي باوجود بدقسمتيءَ سان اسان جي سماج ۾ محبت کي هڪ پاپُ سمجهو وڃي ٿو. جڏهن ته محبت ڪڏهن پاپُ ٿي ئي نٿي سگهي، محبت ته هڪ پاڪيزه جذبو آهي جنهن کي قدرت واري اسان جي سينن ۾ لڪائي رکيو آهي، ان سان ته زندگيءَ کي جِلا ملي ٿي. جيڪا زندگي محبت ۽ پيار کان خالي آهي، اها ڀلا ڪهڙي زندگي آهي؟!
مون ذاتي طور محبت کي هميشه خدا جي خوبصورتي سمجهيو آهي. مون محبت کي زندگيءَ جو منشور ۽ هڪ اهڙو ڏيئو ڄاتو آهي جيڪو دل جي تاريڪ قبر کي روشن رکي ٿو. محبت مون لاءِ دل جي لهوءَ مان ٽڙيل گلابن جي گلدستي مثل رهي آهي، جنهن جي سڳنڌ سرير ۾ سمائجي امرتا بخشي ڇڏيندي آهي. محبت مون لاءِ حياتيءَ جو سڀ کان لاڏلو جذبو رهي آهي. مون وٽ ان جو تصور چنبيليءَ جي پتين ۽ معصوم ٻار جي مُرڪ جهڙو رهيوآهي. منهنجي لغت ۾ زندگي بغير پيار ۽ محبت جي بدبختي، تباهه ڪاري ۽ نامراديءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. محبت ڀريل احساسن کان خالي جيون مون لاءِ هميشه تجريدي موت مثل رهيو آهي. محبت ۾ ملاوٽ کي مون دنيا ۾ وڏي کان وڏو پاپ سمجهيو آهي، پر پوءِ به اڄ تائين محبتون مونکي راس الائي ڇو ڪونه آيون آهن!! هر دفعي منهنجي”محبت“ جو قتلام شعوري يا لاشعوري طور منهنجي پنهنجي ئي ”محبوب حَستين“ هٿان ٿيندو رهيو آهي. منهنجي دل کي انتهائن تائين اُجاڙڻ وارا هميشه منهنجي دل جا ڌڻي ئِي رهيا آهن.

Wednesday, September 1, 2010
Thursday, August 26, 2010
الطاف حسين مارشل لا بابت بيان کان اڳ گورنر کي هٿ کڻائي ها: اعتزاز

اسلام آباد (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ۽ عدليه بحالي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي بيان کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سربراهه کي اهڙي ڳالهه چوڻ کان اڳ پنهنجي گورنر کي عهدي تان هٿ کڻائڻ گهرجي ها. گذريل ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڻ جمهوري حڪومت جي اتحادي پارٽي آهي ۽ ان طرفان اهڙو بيان افسوس جوڳو آهي. مسلم ليگ (ن) طرفان استحقاق واري تحريڪ پيش ڪرڻ جي حوالي سان سوال تي اعتزاز احسن چيو ته الطاف حسين جي مارشل لا بابت بيان تي ڪارروائي جي حوالي سان پارليامينٽ هڪ مناسب فورم آهي. جنهن تي ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ وڌيڪ ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

Saturday, August 7, 2010
سي ايس ايس امتحان ۾ سنڌي سميت علائقائي ٻولين کي آپشنل مضمون طور خارج ڪرڻ واري تجويز واپس وٺڻ جو فيصلو
اسلام آباد(رپورٽ:قربان بلوچ)فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران سي ايس ايس جي امتحان ۾ سنڌي سميت علائقائي ٻولين کي آپشنل مضمون طور خارج ڪرڻ واري تجويز واپس وٺڻ جو اصولي فيصلو، علائقائي ٻولين ۾ مضمون نه کڻي سگهندڙ شاگردن کي ٻيا آپشن ڏيڻ جو فيصلو، سي ايس ايس جي امتحان ۾ سنڌي سميت پنجابي، پشتو ۽ ٻين علائقائي زبانن ۾ آپشنل مضمون طور خارج ڪرڻ جي حوالي سان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوان داس ڪاوش سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته علائقائي زبانن کي آپشنل مضمون طور خارج ڪرڻ جي حوالي سان هڪ تجويز هئي، ڇو ته ان سان ڄاڻايل مضمون کڻندڙ اميدوار وڌيڪ مارڪون کڻن پيا، جنهن مان اهي زبانون نه سمجهي يا لکي پڙهي نه سگهندڙ شاگردن کي نقصان ٿئي پيو پر ڄاڻايل تجويز کي پذيرائي نه ملي، تنهن ڪري سمجهو ته اها تجويز ختم ٿي وئي، هن چيو ته مستقبل ۾ چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ سنڌي سميت علائقائي زبانن ۾ آپشنل مضمون برقرار رهندا ۽ اميدوار انهن ٻولين ۾ آپشنل مضمون طور پيپر ڏئي سگهندا، ڇو ته ان حوالي سان سمجهو ته تجويز ختم ٿي وئي، هن چيو ته باقي علائقائي زبانن ۾ آپشنل مضمون نه کڻي سگهندڙ اميدوار ان حوالي سان جيڪو نقصان کڻي رهيا هئا ان جو ٽوڙ ڪڍيو ويو آهي، اهو ٽوڙ ڇا هي واري سوال تي هن چيو ته اهو ڪميشن جو اندروني مسئلو آهي، جيڪو ٻڌائي نٿو سگهجي، ڪميشن جي چيئرمين راڻا ڀڳوان داس جي دعويٰ هئي ته علائقائي زبانن کي آپشنل مضمون طور کڻندڙ اميدوارن کي پيپر چيڪ ڪندڙ وڌيڪ مارڪون ڏين پيا، جنهن کي روڪي نه پيو سگهجي، سمورن اميدوارن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ علائقائي زبان آپشنل مضمون طور خارج ڪرڻ بدران انهن زبانن ۾ آپشنل مضمون کڻي نه سگهندڙ اميدوارن کي برابر موقعو ڏيڻ لاءِ ان جو ٽوڙ ڪڍيو ويو آهي.
Friday, August 6, 2010
Sunday, August 1, 2010
Saturday, July 31, 2010
Friday, June 4, 2010
Tuesday, June 1, 2010
Monday, May 31, 2010
Saturday, May 29, 2010
Subscribe to:
Posts (Atom)